English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ابراهيم حيدري ٽائون جي علائقي ڀينس ڪالوني گندگي جا ڍير
174 views
|
27th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
روڊن تي پاڻياٺي ڇيڻي جي موجودگي ۽ بدترين سيوريج سبب عوام پريشان
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري ٽائون ملير ۾ واقع ڀينس ڪالوني ۾ روڊن تي پاڻياٺي ڇيڻي جي موجودگي ۽ بدترين سيوريج صورتحال علائقي واسين ۽ ڊيري فارمرز جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، جڏهن ته شهرين انتظامي نااهلي ۽ سياسي اختلافن کي هن بحران جو بنيادي سبب قرار ڏنو آهي۔ علائقي واسين موجب روڊن تي ڇيڻي جا ڍڳ ۽ گندگي جا انبار صاف نظر اچي رهيا آهن، جيڪي نه رڳو ماحولياتي آلودگي جو سبب بڻجي رهيا آهن پر شهرين لاءِ صحت جا سنگين خطرا پڻ پيدا ڪري رهيا آهن۔مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن مسئلي بابت ڪيترائي ڀيرا پاڪستان پيپلز پارٽي جي مقامي ذميوارن سان رابطو ڪيو ويو، پر هر ڀيري اهو چيو ويو ته ٽائون چيئرمين ڪم ڪرڻ نٿو ڏئي۔ شهرين سوال اٿاريو آهي ته يو سي ۽ ٽائون انتظاميا وچ ۾ هي اختلاف آخر ڪهڙي بنياد تي آهي ڇا هي تڪرار عوامي خدمت لاءِ آهي يا فنڊن جي ورڇ، ڪرپشن ۽ ذاتي مفاد ان جي پويان آهن علائقي واسين موجب هنن انهيءَ اميد تي ووٽ ڏنو هو ته جڏهن صوبائي حڪومت، بلدياتي قيادت ۽ اختيار هڪ ئي جماعت وٽ هوندا ته ترقياتي ڪم تيزي سان ٿيندا، پر ان جي ابتڙ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي ۽ مسئلا وڌي رهيا آهن۔شهرين جو چوڻ آهي ته اختيارن جي مرڪزي ٿيڻ ۽ سياسي مقابلي جي کوٽ سبب احتساب جو عمل ڪمزور ٿي ويو آهي، جنهن ڪري ترقياتي ڪمن بدران انتظامي بدحالي ۽ نااهلي سامهون اچي رهي آهي۔علائقي واسين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ٽائون ۽ يو سي وچ ۾ تڪرار کي فوري طور ختم ڪري عملي قدم کنيا وڃن ۽ ڀينس ڪالوني ۾ صفائي، سيوريج ۽ ٻين بنيادي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ عوام احتجاج تي مجبور ٿي سگهي ٿو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی بھکاریوں کے لیے پرکشش شہر بن گیا ہے: پولیس چیف
03rd Aug 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي، سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن جي مذمت
03rd Aug 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف نوجوانن پاران ريلي ڪڍي احتجاج
03rd Aug 2026
•
سنڌي خبرون
پڊعيدن واسڻ ناري جو معصوم ڌيءَ سميت ڏيرن خلاف احتجاجي مظاھرو
03rd Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد لاڙڪ جي صدارت ھيٺ اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ابراهيم حيدري ٽائون جي علائقي
0 تبصرے