رسول آباد جي هاءِ اسڪول ۾ سائنسي ميلو منعقد

شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف سائنسي پراجيڪٽ پيش ڪيا

رسول آباد جي هاءِ اسڪول ۾ سائنسي ميلو منعقد

ھڱورجا(رپورٽر)رسول آباد جي فاطمہ ھاءِ اسڪول وڌڻ پوٽا م سائنسي ميلو لڳايو ويو. شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران مختلف سائنسي پروجيڪٽ جا اسٽال قائم ڪيا . اسٽالن ڏسندڙن جي رش . ٻارڙن جي محنت جي ساراھ . تفصيل موجب رسول آباد جي فاطمہ ھاء اسڪول وڌڻ پوٽا ۾ سائنسي ميلو لڳايو ويو جنھن ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران 50 کان وڌيڪ مختلف سائنسي پراجيڪٽ تيار ڪري ان جا اسٽال لڳايا ويا جيڪي سائنسي ميلي ۾ آيل شھرين دلچسپي جو مرڪز بڻيل رھيا مُختلف سائنسي پروجيڪٽ تيار ڪندڙ شاگردن توڙي شاگردياڻين جو چوڻ آھي سائنسي پروجيڪٽ تيار ڪرڻ جو مقصد ن صرف سائنسي ترقي بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ آھي پر عملي طور پروجيڪٽ ٺاھي سکيا حاصلي ڪرڻ آھي اسڪول جي استادن جو چوڻ آھي ت ھرسال اسڪول ۾ اھڙا سائنسي ميلو لڳايو ويندو آھي انھي ميلي لڳڻ ٻارڙن جي ذھني اوسر وڌي ٿي.