ڪراچي مان ڏيهي ۽ پرڏيهي سياحن جو وفد موهن جو دڙو پهتو، قديم آثارن جو دورو

سيد اياز علي شاهه جي نگراني ۾ 100 سياحن تي ٻڌل وفد موهن جي دڙي جي قديم آثارن جو دورو ڪيو

ڪراچي مان ڏيهي ۽ پرڏيهي سياحن جو وفد موهن جو دڙو پهتو، قديم آثارن جو دورو

ڏوڪري (اطهر ميمڻ) موهن جو دڙو ثقافت ۽ سياحت کاتي طرفان سنڌ جي ماڳن مڪانن تي سياحت کي هٿي ڏيارڻ لاء سنڌ ٽوئرزم ڊولپمنٽ ڪارپوريشن ايس ٽي ڊي سي جي ڊاريڪٽر سيد اياز علي شاهہ جي نگراني ۾ 100 ڄڻن جو هڪ سياحتي وفد جنهن ۾ ڏيهي پرڏيهي سياح شامل هئا.وفد ۾ شامل سياحن سنڌ جي قديم تهذيب جي اسٽوپا ۽ ٻين آثارن ميوزيم جو دورو ڪيو.وفد ۾ ڪراچي پريس ڪلبجا ميمبر پڻ شامل هئا، ان موقعي تي سياحن جي 100 رڪني وفد جي نگراني ڪندڙ ايس ٽي ڊي سي جي ڊاريڪٽر سيد اياز شاهہ ٻڌايو تہ ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهہ جي هدايتن تي ڪراچي کان سفاري ٽرين ذريعي موهن جو دڙو پهتا آهيون.هن چيو تہ سياحن جي وفد ۾ سنڌ پنجاب کان علاوه برطانيہ ۽ ڪئناڊا جا سياح بہ هنن سان شامل آهن.هن.چيو تہ صوبائي وزير جو مقصد آهي تہ سنڌ ۾ جيڪي بہ ماڳ مڪان آهن اتي سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاء مختلف موقعين تي اهڙن سياحتي وفدن کي شامل ڪيو ويندو.وفد ۾ شامل عورتن کي سنڌي ٽُڪَ تي ٺاهيل رلهيون اجرڪ تحفي طور ڏنا ويا.