عمرڪوٽ ۾ آل سنڌ فوتي ڪوٽا ايڪشن ڪاميٽي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

شفيق الرحمان سمون، راشد لطيف آغا ڪپري علي نواز راڄڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

عمرڪوٽ ۾ آل سنڌ فوتي ڪوٽا ايڪشن ڪاميٽي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) آل سنڌ فوتي ڪوٽا ايڪشن ڪاميٽي عمرڪوٽ پاران شفيق الرحمان سمون راشد لطيف آغا ڪپري علي نواز راڄڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ۽ سخت نعري بازي شفيق سمون خطاب ڪندي چيو ته اڄ آئيني عدالت اسلام آباد فوتي ملازم جي پٽ جنھن سپريم ڪورٽ جي فوتي ڪوٽا تي لڳايل پابندي کان اڳ ۾ درخواست ڏني ھئي ان کي فوتي ڪوٽا جي نوڪري ڏيڻ جو حڪم ڏنو آھي ۽ اڳ ۾ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۽ سنڌ جي تمام ھائي ڪورٽ پڻ پراڻن درخواست گذار جي حق ۾ فيصلا ڏئي چڪيون آھن پر سنڌ سرڪار صرف ڪورٽ معرفت ڪيس کٽيدڙ پٽيشنرس فوتي ڪوٽا اميدوارن کي فوتي ڪوٽا جي نوڪري ڏيڻ جي رول 11-A ۾ ترميم ڪري چيف سيڪريٽري سنڌ اسان يتيمن سان دوکو ڪيو آھي ۽ سراسر پراڻن ڏنل درخواست گذار جي حقن تي ڌاڙڙو ھڻي ناانصافي ڪئي وئي آھي ڀٽو صاحب فوتي ڪوٽا کي قانون جي شڪل ۾ آڻي 28 مارچ 1974 ۾ سنڌ اسيمبلي مان قانون پاس ڪرايو ھو جنھن کي سنڌ سرول سرونٽ 1973 جي قانون ۾ پڻ شمار ڪيو ويو ھو جنھن قانون ۾ اھيو ناھي لکيل فوتي ڪوٽا ڪورٽ معرفت ملندي اسان وٽ 2 قانون ھلي رھيا آھن ھڪڙن کي ڪورٽ معرفت فوتي ڪوٽا ملي پئي ٻيو جيڪو مسڪين آھي جنھن وٽ وڪيلن جو خرچ نٿا ڀري سگھن ان لاء فوتي ڪوٽا نه ملندي اڳواڻن وديڪ ڳالھائيندي چيو ته قانون ۽ ڪورٽ سڳوري جي مختلف تحريحري فيصلن ۾ آھي ته بعد ۾ فيصلو يا نوٽيفڪيشن جاري ٿنيدڙ اڳ وارن ڏنل درخواست گذار تي ڪا به پابندي لڳي سگھي جنھن باوجود اسان کي والدين جو بنيادي جائيز حق نه ڏئي ڀٽو صاحب جي طرفان ڏنل فوتي ڪوٽا جي قانون جي ڀڄڪڙي ۽ انساني حقوق جي خلاف پڻ ورزي آھي اسان صدر پاڪسٿان آصف زرداري پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعلي سنڌ کان مطالبو ڪريو ٿا فوتي ڪوٽا جي پراڻن درخواست کي فوتي ڪوٽا جي نوڪري ڏئي روزگار سان لڳايو وڃي