English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي عمرڪوٽ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو 14هون اجلاس
60 views
|
26th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
تعليمي ادارن، مذهبي هنڌن، اهم سرڪاري تنصيبات ۽ عوامي هنڌن جي سيڪيورٽي آڊٽ مڪمل ڪرڻ ۽ نگراني جي نظام کي بهتر بڻائڻ تي به زور ڏنو ويو عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (DCC) جو 14هون اهم اجلاس منعقد ٿيو. عمرڪوٽ: ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (DCC) جو 14هون اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي دربار هال ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو عمران آرائين، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام علي طارق، چيف ميونسپل آفيسر عمرڪوٽ سيد ساجد علي شاهه، ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين ڊيولپمينٽ عمرڪوٽ، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر عمرڪوٽ، ايڪسي اين حيسڪو علي رضا ڀٽي، ڊپٽي ڊائريڪٽر نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي عمرڪوٽ، ايڪسائيز انسپيڪٽر، ڊپٽي ڊائريڪٽر زراعت عمرڪوٽ، اطلاعات کاتو سميت مختلف کاتن جا ضلعي آفيسر، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا نمائندا ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي ايپڪس ڪميٽي ۽ فيڊرل ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته حڪومت سنڌ ۽ وفاقي حڪومت طرفان امن امان جي قيام، دهشتگردي جي خاتمي، اسمگلنگ جي روڪٿام، منشيات جي خاتمي، غيرقانوني رهواسين خلاف ڪارروائي ۽ سرڪاري ملڪيتن جي تحفظ بابت جاري هدايتن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. ھن هدايت ڪئي ته ضلعي ڀر ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز کي وڌيڪ مؤثر بڻايو وڃي ۽ حساس هنڌن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي. تعليمي ادارن، مذهبي هنڌن، اهم سرڪاري تنصيبات ۽ عوامي هنڌن جي سيڪيورٽي آڊٽ مڪمل ڪرڻ ۽ نگراني جي نظام کي بهتر بڻائڻ تي به زور ڏنو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته نيشنل ايڪشن پلان تحت جاري قدمن بابت پيش رفت رپورٽ باقاعدگي سان جمع ڪرائي وڃي. هن چيو ته ضلعي ۾ بين المذاهب هم آهنگي، رواداري ۽ امن جي فروغ لاءِ علماءِ ڪرام، سول سوسائٽي ۽ ڪميونٽي اڳواڻن سان رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته اينٽي انڪروچمينٽ مهم کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. اجلاس ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن، ذخيره اندوزن ۽ گراں فروشَن خلاف جاري ڪارروائين جو به جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر واضح ڪيو ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ضلعي انتظاميا جي اولين ترجيح آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ قانون جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪئي ويندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سڀ لاڳاپيل کاتا پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ صوبائي ۽ فيڊرل ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جي رفتار تيز ڪندا ۽ ايندڙ اجلاس ۾ پيش رفت رپورٽ پيش ڪندا. اجلاس جي پڄاڻي تي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ چيو ته ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ ٻين ادارن جي گڏيل سهڪار سان ضلع عمرڪوٽ ۾ امن امان جي فضا کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو ويندو ۽ حڪومتي پاليسين تي مؤثر عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. شرڪت ڪندڙن قومي سلامتي ۽ عوامي مفاد ۾ ڪيل فيصلن تي ڀرپور عملدرآمد ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو ناليواري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سستو ورتل پئٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مان 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ احتجاج جاري
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ بخاري محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي عمرڪوٽ جي صدارت هيٺ
0 تبصرے