English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ ٻيلي کاتي جي زمينن تان غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ جو فيصلو
137 views
|
23rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ دربار هال مڪلي ۾ اجلاس ٿيو
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ ضلعي اندر ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمينن تي قائم غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ ۽ سرڪاري زمين واپس وٺڻ بابت اهم اجلاس دربار هال مڪلي ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايس ايس پي فاروق احمد بجاراني، لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنرن، رينجرز عملدارن، ٻيلي کاتي جي آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ٻيلي کاتي جي زمينن تي ٿيل قبضن بابت صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ غيرقانوني قبضا خلاف اثرائتي ڪارروائي بابت غور ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت هدايت ڪئي ته ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمين تان غيرقانوني قبضا هٽائڻ لاءِ باقاعده شيڊول جاري ڪيو وڃي. هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته جلد کان جلد مربوط ۽ منظم آپريشن شروع ڪري سرڪاري زمين خالي ڪرائي وڃي. هن واضح ڪيو ته سرڪاري زمينن تي ڪنهن به قسم جو غيرقانوني قبضو هرگز برداشت نه ڪيو ويندو ۽ قانون جي عملداري کي يقيني بڻايو ويندو . اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آپريشن دوران سيڪيورٽي ۽ قانوني گهرجن کي نظر ۾ رکندي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي ته جيئن ڪارروائي اثرائتي ۽ پُرامن نموني مڪمل ڪري سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ۾ ٻيلي کاتي جي زمينن تان غيرقانوني
ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت
0 تبصرے