چوهڙ جمالي ۾ منشيات هٿ اچڻ جا نويد ناز ميمڻ سميت 7 ڄڻن خلاف 2 ڪيس داخل

منشيات جو ڪاروبار ڪرڻ ۽ پوليس سان جهيڙي جو ڊيوٽي اٽڪاءُ قلمن تحت 2 ڌار ڌار ڪيس داخل

چوهڙ جمالي ۾ منشيات هٿ اچڻ جا نويد ناز ميمڻ سميت 7 ڄڻن خلاف 2 ڪيس داخل

سجاول (رپورٽر) گذريل رات دير سان چوهڙ جمالي شھر ۾ پوليس جي وڏي نفري جي ڇاپي دوران منشيات گٽڪو ۽ مائو هٿ اچڻ وارو معاملو، بااثر شخصيت نويد ناز ميمڻ سميت 7 جوابدارن خلاف غير قانوني منشيات جو ڪاروبار ڪرڻ ۽ پوليس سان جهيڙي جو ڊيوٽي اٽڪاءُ قلمن تحت 2 ڌار ڌار ڪيس داخل، پوليس جا ڇاپا جاري ,ڪيس ۾ نامزد بااثر منشيات فروش نويد ناز ميمڻ جا سجاول ضلعي جي پ پ اڳواڻن سان ڪڍيل فوٽو سوشل ميڍيا تي وائرل.سجاول ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس توڙي سي آئي اي پوليس گڏيل طور تي ڪاروائي ڪندي گذريل رات چوهڙ جمالي ۾ بااثر شخصيت ۽ پ پ جي اڳوڻي اڳواڻ نويد ناز ميمڻ جي منشيات جي وڏي اڏي تي ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جو ڪيس ستن جوابدارن نويد ناز ميمڻ، غفار آخوند، حاجي ميمڻ، راجا ميمڻ، سڪندر ميمڻ، فهيم ميمڻ ۽ عزيز ميمڻ خلاف چوهڙ جمالي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو.,پوليس جي وڏي ڪارروائي 3 ڏينهن اڳ سجاول ويجهو منشيات سان ڀريل پوليس موبائيل حادثي جو شڪار ٿيڻ بعد هٿ اچڻ واري معاملي کانپوءِ آءِ جي سنڌ پاران نوٽيس وٺڻ تي رات دير سان اھڙي ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي هئي.ابتدائي طور تي گذريل ڏينهن ٺٽي ۽ ڪراچي ضلعن جي پوليس ڇاپا هڻي چوهڙ جمالي جي بااثر شخصيت نويد ناز ميمڻ جي ڀاءُ وزير ميمڻ ۽ آڪاش چاوڙو کي گرفتار ڪيو هو جن جي نشاندهي تي گذريل رات دير سان آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جي سخت هدايتن تي پوليس پاران چوهڙ جمالي شھر جي گونگاڻي ميمڻ محلي ۽ نيو آباد محلي ۾ نويد ناز ميمڻ جي بنگلي ۽ منشيات جي اڏي تي ڇاپا هڻي وڏي مقدار ۾ منشيات برآمد ڪئي وئي هئي.ايف آء آر ۾ نامزد ڪيل مُک جوابدار چوهڙ جمالي جي بااثر شخصيت نويد ناز ميمڻ جا سجاول ضلعي جي پيپلزپارٽي اڳواڻن سان فوٽوز سوشل ميڍيا تي وائرل. ٿي وئي آهي ,وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ اچڻ ۽ ڪيس داخل ٿيڻ باوجود نويد ناز ميمڻ سميت مُک جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، بااثر سياسي ڌرين پاران کين گرفتاري کان بچائڻ جون ڪوششون.جاري آهن