English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گورنر ھائوس کي ملڪ دشمن سازشن جو مرڪز بنايو ويو آھي. سنڌ خلاف سازش دراصل ملڪ خلاف سازش آھي. اياز لطيف پليجو
118 views
|
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ گورنر ھائوس کي ملڪ دشمن سازشن جو مرڪز بنايو ويو آھي. سنڌ خلاف سازش دراصل ملڪ خلاف سازش آھي. ملڪ کي ڪرپشن، دھشتگردي، معاشي بدحالي، ميرٽ جي لتاڙ، ظلم ۽ زيادتين مان ڪڍڻ بدران وڌيڪ هٿرادو بحرانن جي کوھ ۾ نہ اڇلايو. سنڌو درياھ تي ڪو بہ ڪئنال قبول ناھي. پنجاب جلال پور ڪئنال سميت ڪو بہ ڌاڙيل منصوبو شروع ڪيو ته سنڌ جو اٺ ڪروڙ عوام سخت مزاحمت ڪندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازشن پويان عالمي سامراجي طاقتن جا ھٿ آھن، اھي ملڪ جي 25 ڪروڙ عوام جا دشمن آھن. عالمي سامراجي طاقتون سنڌ کي ٽوڙي نئون اسرائيل بنائڻ چاھين ٿيون، ايم ڪيو ايم انھن جي سازش تي عمل ڪري رھي آھي. گورنر ھائوس سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن سازشن جو مرڪز بنجي رھيو آھي، جيڪا انتھائي خطرناڪ صورتحال آھي. اسين انھي جي مذمت ڪريون ٿا. وفاق ۽ سنڌ حڪومت لاتعلق ٿيڻ بدران ان جي وضاحت ڪن. گورنر سميت ملوث ماڻھن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت 18 سالن کان مٿي دور سنڌ کي تباھي جي ڪناري تي بيھاري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي ڪوڙي جمھوريت جي دعويدار آھي، ھنن سنڌ ۾ بادشاھت قائم ڪري ڇڏي آهي جنھن ۾ عوام غلام ھجي۔ بيورو ڪريسي ۽ ادارا ھنن جي حڪمن جا محتاج ۽ اشارن تي فقط ھنن جي مرضي وارا ڪم ڪندا رھن ٿا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
02nd Apr 2026
•
شوبز
فلم کی شوٹنگ کے دوران بعض رومانوی اور بولڈ مناظر فلمانا جسمانی اور ذہنی طور پر مشکل تھا۔ ہالی ووڈ کی معروف اداکارہ
02nd Apr 2026
•
شوبز
عریاں اور رومانوی مناظر کی شوٹنگ مشکل تھی، اداکارہ ايملی کا اعتراف
02nd Apr 2026
•
شوبز
ہالی ووڈ اداکارہ کو سیکسی سین کی شوٹنگ کے دوران مشکلات کا سامنا
02nd Apr 2026
•
شوبز
ماضی میں فلموں میں بولڈ کردار ادا کرنا آسان فیصلہ نہیں ہوتا تھا۔ہالی ووڈ کی معروف اداکارہ
02nd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو: صحافي شان ڏهر جي قتل ڪيس جو جوابدار 12 سالن بعد گرفتار
02nd Apr 2026
•
شوبز
فلم کی شوٹنگ کے دوران بعض رومانوی اور بولڈ مناظر فلمانا جسمانی اور ذہنی طور پر مشکل تھا۔ ہالی ووڈ کی معروف اداکارہ
02nd Apr 2026
•
شوبز
عریاں اور رومانوی مناظر کی شوٹنگ مشکل تھی، اداکارہ ايملی کا اعتراف
02nd Apr 2026
•
شوبز
ہالی ووڈ اداکارہ کو سیکسی سین کی شوٹنگ کے دوران مشکلات کا سامنا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
گورنر ھائوس کي ملڪ دشمن
0 تبصرے