English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
حضرت لعل شهباز قلندر جي 774هين سالياني عرس مبارڪ جي آخري ڏينهن ملاکڙي جا مقابلا
159 views
|
09th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
مقابلي ۾ پهرئين، ٻئي ۽ ٽئين جوڙ جي ملهه پهلوانن وچ ۾ سخت ۽ دلچسپ زور آزمائي جا مقابلا ٿيا
سيوهڻ شريف (رپورٽر) حضرت سخي لعل شهباز قلندرؒ جي 774هين ٽن ڏينهن واري سالياني عرس مبارڪ جي ٽئين ۽ آخري ڏينهن جي موقعي تي سنڌ جي قديمي ۽ روايتي راند ملاکڙي جو شاندار اهتمام ملاکڙا گرائونڊ سيوهڻ شريف ۾ ڪيو ويو. مقابلي ۾ پهرئين، ٻئي ۽ ٽئين جوڙ جي ملهه پهلوانن وچ ۾ سخت ۽ دلچسپ زور آزمائي جا مقابلا ٿيا، جن کي ڏسڻ لاءِ شائقين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ ملهه پهلوانن کي ڀرپور داد ڏنو، ان موقعي تي سيڪريٽري اسپورٽس سنڌ منور علي مھيسر ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو/ چيئرمين ميلا ڪميٽي غضنفر علي قادري مهمانِ خاص طور شرڪت ڪئي. ملاکڙي جي پهرئين جوڙ ۾ قربان هوٿي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته ٻئي ۽ ٽئين جوڙ ۾ پڻ ملهه پهلوانن وچ ۾ زبردست مقابلا ٿيا ملاکڙي جي ميزباني جا فرائض اسپورٽس آفيسر ۽ ڪنوينئر ملاکڙا تحسين ڪوثر چنا سرانجام ڏنا مقابلي جي پڄاڻي تي پهرين، ٻئي ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ ملهه پهلوانن کي سيڪريٽري اسپورٽس منور علي مھيسر ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري پاران شهباز شيلڊ ۽ نقد انعام ڏنا ويا ملاکڙي جي مقابلن کي شائقين وڏي دلچسپي سان ڏٺو، جڏهن ته ڪيترن ئي شوقينن پاران ملهه پهلوانن کي ذاتي انعام پڻ ڏنا ويا. ان موقعي تي معزز مهمانن کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حضرت لعل شهباز قلندر جي 774هين سالياني
0 تبصرے