English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس لڳ رزاق آباد جو سيوريج نظام مڪمل طور تباهه
228 views
|
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گٽرن جو گندو پاڻي گهٽين، رستن ۽ بازارن ۾ داخل، رهواسين پاران احتجاج ڪيو ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر رزاق آباد ۾ سيوريج جو نظام مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو آهي. ابراهيم حيدري ٽائون آفيس جي بلڪل لڳ واقع علائقن ۾ گٽر جو گندو پاڻي گهرن، گهٽين، رستن ۽ بازارن ۾ وهڻ لڳو آهي، جنهن سبب علائقو تلاءَ جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. بدبو، گندگي ۽ بيٺل گندي پاڻي سبب روزاني زندگي مفلوج ٿي وئي آهي جڏهن ته وبائي بيمارين ڦهلجڻ جو به وڏو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.علائقي واسين موجب سيوريج لائينون مهينن کان بند پيل آهن، بار بار شڪايتن باوجود نه ٽائون انتظاميا ۽ نه ئي يوسي چوڪنڊي انتظاميا ڪو سنجيده قدم کنيو آهي. رهواسين الزام هنيو آهي ته اربين روپين جي بجيٽ، جيڪا سيوريج ۽ بنيادي سهولتن لاءِ مختص ڪئي وئي هئي، اها هڙپ ڪئي وئي آهي ۽ زميني سطح تي ڪا به ترقي نظر نٿي اچي.رهواسين جو چوڻ آهي ته گندو پاڻي گهرن اندر داخل ٿي رهيو آهي، جنهن سبب عورتون، ٻار ۽ بزرگ سخت پريشان آهن. ڪاروباري مرڪز ۽ بازارون به گندي پاڻي هيٺ اچي ويون آهن، جنهن ڪري واپار سخت متاثر ٿي رهيو آهي. اسڪول ويندڙ ٻار به گندي پاڻي مان گذرڻ تي مجبور آهن.ان صورتحال خلاف علائقي واسين سخت احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته فوري طور تي گندي پاڻي جي نيڪال جو بندوبست ڪيو وڃي، سيوريج لائينن جي مرمت ڪئي وڃي ۽ ذميوار آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.رهواسين چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ اعليٰ اختيارين سميت ميڊيا ۽ عدالتن جو در کڙڪايو ويندو. عوام جو چوڻ آهي ته رزاق آباد، جيڪو ملير ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر آهي، اتي اهڙي بدترين صورتحال انتظاميا جي نااهلي جو کليل ثبوت آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو: پوليس مرغي جي واپاري جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ نه ڪري سگهي
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
آبنائے ہرمز مزید آٹھ روز تک ’’وار آپریشنز زون‘‘ قرار، شپنگ یونینز اور کمپنیوں کا اعلان
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
پاکستان نے افغانستان میں دہشت گردوں کے ٹھکانوں پر حملے سے متعلق بھارتی بیان مسترد کر دیا
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
موسمیاتی تبدیلی کے خطرات سے نمٹنے کے لیے وفاقی اور صوبائی سطح پر تعاون ناگزیر ہے: وزیراعظم
01st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو: پوليس مرغي جي واپاري جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ نه ڪري سگهي
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
چهرن جي تبديلي سان ڪجهه نه ٿيندو، نظام جي تبديلي سان سنڌ کي حق ڏياري سگهجن ٿا: خالق جوڻيجو
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ مبينا کنڀي گم ڪيل پورهيت اصغر مستوئي جي آزادي لاءِ احتجاجي مارچ
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي جي عدالت پاران غلام الله جي صحافي پيرل پياسي جي ضمانت منظور
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس لڳ رزاق آباد جو
0 تبصرے