English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ ڳوٺ ڌڻي پرتو موسيٰ واسي جو احتجاجي مظاهرو، مخالفن تي حملي ۽ ڌمڪين جا الزام
132 views
|
26th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
حاجي رستم لنڊ، جاويد ۽ معشوق نالي بااثر گهر تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا: شهزادو لنڊ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي ڌڻي پرتو موسيٰ ڳوٺ جي واسي شھزادو لنڊ بااثر ماڻهن جي مبينا ظلمن، گهر تي حملن ۽ قبضي جي ڪوششن خلاف عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته علائقي جا بااثر ماڻهو زبردستي سندس گهر تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن سبب هو ۽ سندس گهر ڀاتي سخت خوف ۽ عدم تحفظ جو شڪار آهن شھزادو لنڊ پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته هو گذريل 10 سالن کان ڌڻي پرتو موسيٰ ڳوٺ ۾ رهائش پذير آهي ۽ محنت مزدوري ڪري پنهنجي ٻچن لاءِ ننڍڙو اجھو تعمير ڪيو آهي جنھن تي مبينا طور حاجي رستم لنڊ، جاويد ۽ معشوق علي نالي بااثر ماڻهو ناجائز قبضو ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن الزام هنيو ته سندس غير موجودگي ۾ سندس ٻچن کي حراسان ڪيو ويو ۽ گهر تي ٽي ڀيرا حملا ڪيا ويا آھن جنهن سبب سندس خاندان ۾ سخت دهشت پکڙيل آهي هن چيو ته جڏهن هن پوليس عملدارن کي تحفظ لاءِ درخواستون ڏنيون تہ جوابدار وڌيڪ مڇرجي فون ڪالن ذريعي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ لڳا آھن شھزادو لنڊ موجب مون قانون جو سهارو ورتو پر ان جي باوجود مون کي ۽ منهنجي خاندان کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، جنهن سان اسان جي جان کي شديد خطرو آهي شھزادو لنڊ خدشو ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن فوري طور تي ڄاڻايل بااثرن خلاف قانوني ڪارروائي نه ڪئي وئي ته ڪنهن به وقت ڪو وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو. هن الزام هنيو ته بااثر ماڻهو پنهنجي اثر رسوخ استعمال ڪري پوليس ۽ ٻين ادارن تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن ته جيئن سندن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿئي پريس ڪانفرنس جي آخر ۾ ھن آئي جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، ڊي آءِ جي ايسٽ ۽ ايس ايس پي ملير کان اپيل ڪئي ته معاملي جو فوري نوٽيس ورتو وڃي، جوابدارن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کيس گهر ڀاتين سميت مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي تہ جيئن ھو پنھنجي زندگيءَ امن ۽ سڪون سان گذاري سگهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو ناليواري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سستو ورتل پئٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مان 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ احتجاج جاري
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ بخاري محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڳوٺ ڌڻي پرتو موسيٰ
0 تبصرے