صوبائي وزير شاهينه شير علي ۽ ملڪ جي مشهور ميڊيا گروپ جي مالڪ سلطانه صديقي فاطمه مجيد کي شيلڊ پيش ڪئي
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن فاطمه مجيد کي نيشنل ورڪنگ وومين ڊي جي موقعي تي ماهيگيرن لاءِ نمايان خدمتن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪيل قدمن جي اعتراف ۾ شيلڊ سان نوازيو ويو هي اعزاز وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ، حڪومت سنڌ جي سرپرستي ۾ هڪ مقامي هوٽل ۾ منعقده شاندار تقريب ۾ ڏنو ويو تقريب۾ عورتن جي ترقي واري وزير شاهينه شير علي ۽ ملڪ جي مشهور ميڊيا گروپ جي مالڪ سلطانه صديقي فاطمه مجيد کي شيلڊ پيش ڪئي. مقررن فاطمه مجيد جي قيادت هيٺ ماھيگير برادري جي فلاح ۽ بهبود، عورتن جي خودمختياري ۽ سماجي ترقي لاءِ ڪيل خدمتن کي ساراهيو ان موقعي تي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ عورتون، سرڪاري آفيسر، سماجي اڳواڻ ۽ صحافي به شريڪ ٿيا، ۽ تقريب کي نيشنل ورڪنگ وومين ڊي جي مناسبت سان خاص تقريبون، تقريرون ۽ ثقافتي پروگرام سان وڌيڪ پرڪشش بڻايو ويو ان موقعي تي فاطمه مجيد چيو ته عورتن جي تعليم، معاشي خودمختياري ۽ ماھيگير برادري جي فلاح لاءِ ڪم جاري رکندي،ھن چيو ٿي معاشري ۾ عورتن جو ڪردار وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آھي
0 تبصرے