شڪارپور ۾ جيها برادري جي چڱي مڙس حيدر علي جيهو پاران مختلف ماڻهن سان تعزيتون

حيدر علي جيهو الاهي بخش شيخ، صحافي عبدالسميع ڀٽو، عديل احمد دل، سجاد ڀٽو سان تعزيتون ڪيون

شڪارپور ۾ جيها برادري جي چڱي مڙس حيدر علي جيهو پاران مختلف ماڻهن سان تعزيتون

شڪارپور (احسان ابڙو) جيها برادري جو چڱو مڙس حيدر علي جيهو پاران مختلف ماڻهن سان تعزيتون، حيدر علي جيهو پاران شڪارپور بچايو تحريڪ جي چيئرمين الاهي بخش شيخ سان سندس جي والده جي انتقال تي تعزيت ڪئي وئي هوڏانهن عوامي ميڊيا سينٽر پهچي سينيئر صحافي عبدالسميع ڀٽو سان سندس جي ڀيڻ جي انتقال تعزيت ڪئي وئي ساڳي وقت ورڪنگ جرنلسٽ انقلابي صحافي عديل احمد دل سان سندس جي مرحوم والد جي انتقال تي پڻ تعزيت ڪئي وئي جتي صحافي فريد احمد چانڊيو به موجود هيو ٻئي پاسي جاکوڙي صحافي سجاد احمد ڀٽو سان سندس جي والد جي انتقال تي تعزيت ڪئي وئي جتي صحافي عاشق دايو ۽ صحافي امتياز جوڳي به موجود هيا هوڏانهن ايس ايس پي شڪارپور جي اڳوڻي پي آر او ، ڪالم نگار نسيم شاه بخاري سان ٺاروپور تڏي تي پهچي سندس جي والد جي انتقال تي تعزيت پڻ ڪئي وئي ساڳي وقت شھر جي باء پاس لڳ مرحوم بگن شر جي انتقال تي وارثن سان تعزيت پڻ ڪئي وئي جتي مرحومين جي مغفرت لاء پڻ دعا گهري وئي انهي موقعي تي جيها اتحاد سٽي شڪارپور جو اڳواڻ محمد نواز جيهو ، احسان علي جيهو ، محمد حيات جيهو ۽ غلام حسين جيهو کين گڏ هيا