ڏوڪري (اطهر ميمڻ) سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڌاڙيل راڄ، 27هين آئيني ترميم، ۽ سنڌ جي پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان 21 ڊسمبر تي لاڙڪاڻو ۾ ٿيندڙ “سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو مارچ” بابت سياسي، سماجي، تعليمي حلقن ۾ رابطا وڌيڪ تيز ڪري ڇڏي، دعوتن جو سلسلو جاري، ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر ڪامريڊ علي حسن وڪو، ضلعي اڳواڻ مقبول راهوجو, سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر اعتزاز گائينچو ۽ زاھد منگي تعلقا بار ڏوڪري جو دورو ڪيو.عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ڏوڪري بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ الطاف حسين کوکر، ايڊووڪيٽ منير احمد سومرو، ايڊووڪيٽ آصف علي سنديلو يلو سميت ڪيترن ئي وڪيلن سان ملاقات ڪري کين 21 ڊسمبر جي تاريخي مارچ ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏني. وڪيلن کي دعوتون ڏيڻ ۽ مختلف ڳوٺن عثمان ڪلهوڙو، سيھڙ وليج، جکرا،وھڻي ۾ ڪارنر گڏجاڻين ۾ شرڪت کانپوءِ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ڏوڪري پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش برداشت نه ڪئي ويندي، وفاقي وزير سنڌ خلاف بيان بازي بند ڪن. سنڌ جي وجود، آئيني حقن، زمينن، پاڻي، وسيلن ۽ قومي سڃاڻپ جي تحفظ لاءِ هر شعبي کي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي. انهن چيو ته 27 هين آئيني ترميم ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ جي وسيلن تي حملو آهي، جنهن خلاف آواز اٿارڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي.بار ايسوسيئيشن جي صدر ۽ ٻين عهديدارن مهمان اڳواڻن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ يقين ڏياري ڇڏيو ته ڏوڪري جي وڪيل برادري 21 ڊسمبر جي مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪندي. وڪيلن چيو ته سنڌ جي وسيلن ۽ وجود جي تحفظ لاءِ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجهد قابلِ تعريف آهي، جنهن ۾ بار به پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.
0 تبصرے