English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پپري جي قديمي ڳوٺن ۾ سيوريج نظام تباهه حال بڻيل
127 views
|
11th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
روڊ رستا ۽ گهٽيون گندگي جي ور چڙهيل، گٽر نالا اٿليل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پپري يوسي جي رهواسين شڪايت ڪئي آهي ته قديمي ڳوٺن ۾ گٽرن جي حالت خراب آهي، سيوريج لائينون تباهه ٿي چڪيون آهن ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي مين هولن جا ڊڪڻ به غائب آهن، جنهن سبب رهواسين کي آمد و رفت ۾ سخت ڏکيائي پيش اچي رهي آهي۔ علائقي واسين موجب صفائي جي باقاعده نگراني نه ٿيڻ ڪري گٽرن مان نيڪال وارو پاڻي وهڻ لڳو آهي، جڏهن ته صفائي عملو غائب آهي۔رهواسين جو چوڻ آهي ته ٽي ايم سي گڏاپ ۽ سينيٽيشن کاتو مڪمل طور نااهل ثابت ٿيو آهي سندن الزام آهي ته سينيٽيشن جو ڊائريڪٽر صفائي لاءِ جاري ڪيل فنڊن ۾ مبينا بي ضابطگيون ڪري رهيو آهي ۽ صورتحال بابت پڇڻ وارو ڪو نٿو هجي، جنهن سبب علائقي ۾ صفائي جو نظام مڪمل طور تي درهم برهم ٿي چڪو آهي۔علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته ڊي سي ملير گٽرن بابت نوٽيس ته ورتو آهي، پر پپري جي ڳوٺن ۾ عملي تبديلي نظر نٿي اچي۔ شڪايت ڪندڙن پيپلزپارٽي ملير جي قيادت، خاص طور تي پي ايس-85 جي صدر يار محمد بلوچ کان اپيل ڪئي آهي ته هو فوري نوٽيس وٺي پپري جي قديمي ڳوٺن ۾ صفائي ۽ سيوريج جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
صفائي نه ٿيڻ سبب علائقي واسي ذهني اذيت جو شڪار ٿي ويا
0 تبصرے