English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
موهن جو دڙو ڀرسان پ پ جو شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي بابت جي حوالي سان اجلاس
137 views
|
10th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اجلاس دوران شهيد بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ جو فيصلو
ڏوڪري (اطهر ميمڻ) موهن جو دڙو ڀرسان سوهو هائوس پئٽرول پمپ مانڊين تي پ پ جو اجلاس، وڏي انگ ۾ پ پ ڪارڪن شريڪ، 27 ڊسمبر تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي ۾ ڀرپور شرڪت جو فيصلو، پ پ عوامي ۽ جمهوري پارٽي آهي، اسان جي اڳواڻن جمهوريت جي بقا لاءِ جانيون قربان ڪيون، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي شاندار نموني ملهائي ويندي،تعلقي صدر منير سوهو جنرل سيڪريٽري سردار علي ڏنو گاڏھي قاضي جميل جوڻيجو محمد جمن ٻگهيو نياز حسين سوهو ۽ ٻين جو تقريب کي خطاب تفصيل موجب موهن جو دڙو ڀرسان سوهو هائوس پئٽرول پمپ مانڊين تي پ پ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پ پ تعلقي صدر منير حسين سوهو جنرل سيڪريٽري علي ڏنو گاڏھي محمد جمن ٻگهيو قاضي جميل جوڻيجو نياز حسين سوهو فدا حسين ڦلپوٽو ارشاد جوڻيجو اڳواڻ ضلعي صدر خورشيد جوڻيجو محمد وقار سومرو نجف سرگاڻي سميت وڏي انگ ۾ پ پ ڪارڪنن، اڳواڻن يونين ڪائونسلن جي عهديدارن ۽ همدردن شرڪت ڪئي ان موقعي تي پ پ ڪارڪنن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هنن چيو ته ڏوڪري تعلقي مان 200 کان وڌيڪ گاڏين جو قافلو ڪڍيو ويندو جيڪو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي تقريب ۾ شريڪ ٿيندو.ان موقعي تي پ پ تعلقي صدر منير حسين سوهو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ عوامي ۽ جمهوري پارٽي آهي هن پارٽي جي اڳواڻن جون جمهوريت جي بقا ۽ عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ وڏيون قربانيون آهن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو عوام لاءِ جانين جو نظرانو ڏئي تاريخ ۾ امر ٿي ويا، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 27 ڊسمبر تي ارڙھين ورسي ملهائي پئي وڃي جنهن لاءِ تياريون تيزي سان جاري آهن ورسي تقريبن ۾ لکين پ پ ڪارڪن شرڪت ڪري شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي عقيدت ڀريو سلام پيش ڪندا، ورسي تقريب کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا هوڏانهن پ پ تعلقي ڏوڪري جي جنرل سيڪريٽري سردار علي ڏنو خان گاڏھي چيو ته 27 ڊسمبر تي شھيد راڻي جي چوڏھين ورسي ۾ وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيو هن چيو ته شھيد راڻي بينظير ڀٽو عوام جي لاء جان جي قرباني ڏئي شھيد ٿي وئي.هوڏانهن انفارميشن سيڪريٽري محمد جمن ٻگهيو چيو ته مان ڪو سردار ناهيان مان هڪ ڪارڪن آھيان هن چيو ته مان پاڪستان پيپلز پارٽي جو ورڪر آھيان هن چيو ته بينظير ڀٽو سڄي دنيا جي ليڊر هئي 27 ڊسمبر تي ورڪر جيالا وڌ ۾ وڌ شھيد راڻي جي ورسي ۾ شريڪ ٿيو.ان موقعي تي حافظ رجب سولنگي اياز جت غلام محمد ڏيرو نصير مير بحر عابد جوڻيجو ڪريم بخش چنو اسد علي سرگاڻي حبيب عالماڻي علي بخش ميتلو واحد بخش سرگاڻي رضا محمد کوکر زاهد حسين سيهڙ وڪيل قاضي ديدار جوڻيجو وسيم سرگاڻي ۽ ٻين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اجلاس دوران شهيد بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي
0 تبصرے