English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي مزدور تحريڪ ڪراچي ڊويزن طرفان شير پائو ملير ۾ مچ ڪچهري منعقد
81 views
|
08th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مچ ڪچهري ۾ سياسي، سماجي ۽ مزدور تنظيمن جي اڳواڻن سميت وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي مزدور تحريڪ ڪراچي ڊويزن طرفان شير پائو ملير ۾ رنگا رنگ مچ ڪچهري جو شاندار پروگرام ڪيو ويو، جنهن ۾ سياسي، سماجي ۽ مزدور تنظيمن جي اڳواڻن سميت وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، تقريب جي اڳواڻي عبدالجبار پليجو، محمد علي ساھڙ، عنايت آرباڻي، طارق چانڊيو ۽ ٻين عهديدارن ڪئي، جڏهن ته عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ اقبال جروار، ڪراچي ڊويزن جي صدر عبدالله ٻپڙ، حامد مير عباسي، اياز ڪنگو، عزیز لانگا، خورشید قريشي، يوسف نوحاڻي، نويد سنڌي سميت ڪيترن ئي ساٿين پڻ شرڪت ڪئي.مچ ڪچهري دوران مقررین سنڌ جي ثقافت، مزدور طبقي جي مسئلن ۽ جديد دور ۾ مزدور جدوجهد جي اهميت تي تفصيلي خطاب ڪيا. اڳواڻن چيو ته سنڌي مزدور تحريڪ جو مقصد مزدورن جي حقن لاءِ گڏيل آواز اٿارڻ، استحصال جي خاتمي ۽ مزدورن لاءِ باعزت روزگار جا موقعا پيدا ڪرائڻ آهي.تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته مچ ڪچهري جهڙيون ثقافتي تقريبون نه رڳو سنڌي روايتن کي زنده رکن ٿيون، پر گڏيل جدوجهد لاءِ ماڻهن کي هڪ پليٽفارم تي گڏ به ڪن ٿيون. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته حڪومت مزدورن جي اجرتن ۾ اضافو ڪري، سماجي تحفظ جا قانون مؤثر بڻائي ۽ مزدورن لاءِ سهولتون مهيا ڪري.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مچ ڪچهري ۾ سياسي، سماجي ۽
0 تبصرے