پليجي صاحب ون يونٽ، ضيا شاھي، پ پ ۽ ن ليگ کان وٺي ھر حڪومت ۾ ڪرپشن ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجھدون ڪيون: اياز لطيف پليجو

پليجي صاحب ڪشمور کان ڪارنجھر تائين ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر وڃي عوام کي بيدار ڪيو

پليجي صاحب ون يونٽ، ضيا شاھي، پ پ ۽ ن ليگ کان وٺي ھر حڪومت ۾ ڪرپشن ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجھدون ڪيون: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي عظيم مفڪر استاد محترم رسول بخش پليجو صاحب جي 96 سالگرھ جي موقعي تي پيغام ڏيندي چيو تہ رسول بخش پليجو سنڌ آھي ۽ سنڌ رسول بخش پليجو آھي۔ پليجي صاحب ڪشمور کان ڪارنجھر تائين ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر وڃي عوام کي بيدار ڪري سنڌ ۽ مظلوم عوام جي حقن لاء جنگ ڪئي۔ رسول بخش پليجي ون يونٽ، ضيا شاھي، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ کان وٺي ھر حڪومت ۾ ڪرپشن ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف تاريخي جدوجھدون ڪيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ رسول بخش پليجو صاحب جي ڏسيل واٽ تي ھلي رھي آھي۔ رسول بخش پليجو علم دوست شخصيت آھي۔ رسول بخش پليجو قبيلائي دھشتگردي ۽ عورتن جي قتلام خلاف للڪار ھو۔ رسول بخش پليجو سراپا زندگي ھو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ رسول بخش پليجو سنڌ ۽ مظلوم عوام جي حقن جو سپھ سالار ھو. رسول بخش پليجي سنڌ جي عوام کي وقار سان جيئڻ سيکاريو۔ ھارين مزدون ۽ عورتن کي جدوجھد ذريعي سنڌ جو حقيقي محافظ بنايو.اياز لطيف پليجي چيو تہ رسول بخش پليجو سنڌو درياھ تي ڌاڙي، ڪرپشن، آمريت، انتھاپسندي ۽ عوام دشمن جاگيرداري ۽ سرمائيداري ظلم خلاف جنگ جو نالو ھو۔ رسول بخش پليجو ھڪ فرد نہ پر اداري جو نالو آھي. رسول بخش پليجي جي جدوجھد مظلوم عوام لاء ھئي، ظالم حڪمراني خلاف ھئي. پليجي صاحب جو مقصد ڪنھن کي اقتدار ڏيارڻ لاء ڏاڪڻ بنجڻ نہ ھو۔