English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو ضلعي جي عوام ۽ آبادگارن کي معاشي قتل کان بچايو وڃي: الطاف حسين شاهه شيرازي
233 views
|
19th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
پاڻي کوٽ ختم ڪري زمينن کي بنجر ٿيڻ ۽ فصلن کي تباهي کان محفوظ ڪيو وڃي: سماجي اڳواڻ
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)ٺٽي جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ، امن جي سفير سيد الطاف حسين شاهه شيرازي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ٺٽو ضلعي جي عوام ۽ آبادگارن کي معاشي قتل کان بچايو وڃي، زمينن کي بنجر ٿيڻ ۽ فصلن کي تباهي کان محفوظ ڪيو وڃي۔هن چيو ته گذريل هڪ مهيني کان ٺٽو ضلعي ۾ پاڻي بند آهي، جنهن سبب ٺٽي جي عوام ۽ آبادگارن جي فصلن جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي آهي۔ آبادگار اوڌر تي ٻج ۽ زرعي دوائون وٺي زمينن ۾ وجهن ٿا ته جيئن فصل تيار ٿيڻ بعد قرض لاهي سگهن، پر پاڻي نه هجڻ سبب آبادگار سخت پريشاني جو شڪار آهن، جڏهن ته زمينون بنجر ٿيڻ ۽ فصلون تباهه ٿيڻ واريون آهن۔سيد الطاف حسين شاهه شيرازي وڌيڪ چيو ته پاڻي جي نيڪال ۽ رسائي لاءِ جيڪي نالا پڪا ڪيا پيا وڃن، انهن جو ڪم سست رفتاري سان هلي رهيو آهي، جنهن سبب پاڻي زمينن تائين نٿو پهچي سگهي۔ جيڪڏهن جلد پاڻي جي رسائي بحال نه ڪئي وئي ته آبادگارن جون تيار فصلون به ختم ٿي وينديون، جيڪا کين مڪمل معاشي تباهي طرف ڌڪي ڇڏيندي۔هن صوبائي اعليٰ عملدارن، ضلعي انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن کان پرزور اپيل ڪئي ته فوري طور تي پاڻي جي رسائي بحال ڪئي وڃي، پڪا نالا ٺاهڻ جو ڪم تيز ڪيو وڃي ۽ ٺٽو ضلعي جي عوام ۽ آبادگارن کي معاشي قتل کان بچايو وڃي ته جيئن هو به خوشحال زندگي گذاري سگهن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
الطاف حسين شاهه شيرازي
0 تبصرے