ڪرمپور انڊس هاءِ وي تي فائرنگ ۾ ڪلينر قتل، ڌاڙيل ڊرائيور کي اغوا ڪري ويا

ڪلينر جي قتل ۽ ڊرائيور جي اغوا خلاف ملڪ برادري جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

ڪرمپور انڊس هاءِ وي تي فائرنگ ۾ ڪلينر قتل، ڌاڙيل ڊرائيور کي اغوا ڪري ويا

ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڪلينر کي قتل ڪرڻ بعد ڊرائيور کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا، واقعي بعد ملڪ برادري پاران انڊس هاءِ تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ڪري ڪنڌڪوٽ شڪارپور روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مسافر ۽ ڊرائيور سخت پريشاني جو شڪار آهن، مظاهرين جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل امير بخش ملڪ کي قتل ڪرڻ بعد ڊرائيور عبدالرشيد ملڪ کي اغوا ڪري ويا، نوٽيس وٺي مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي.