English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ وڌندڙ بدامني جي حوالي سان عوامي پريس ڪلب جي وفد جي ايس ايس پي سان ملاقات
303 views
|
15th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف، اسٽيل ٽائون، ميمڻ ڳوٺ، ملير سٽي ۽ گڏاپ جي حدن ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي: صحافي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)عوامي پريس ڪلب ملير جي وفد جنرل سيڪريٽري سيد عنايت علي شاهه، سامي ميمڻ، سيد سجاد علي شاهه ۽ طارق سهتو ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملير ۾ امن امان جي خراب صورتحال ۽ خاص طور عوامي پريس ڪلب ملير جي صحافين کان ڦر جي واقعن جي ڄاڻ ڏني وفد ايس ايس پي ملير کي آگاهه ڪيو ته ضلعي ملير جي 11 ٿاڻن، خاص طور شاهه لطيف، اسٽيل ٽائون، ميمڻ ڳوٺ، ملير سٽي ۽ گڏاپ جي حدن ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي، جتي ڦرون ۽ ڌڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن وفد عوامي پريس ڪلب ملير سان لاڳاپيل صحافين طارق سهتو، سجاد علي شاهه، غلام علي گوندر، اعجاز شيخ ۽ لياقت سمون سان مٿي ڄاڻايل ٿاڻن جي حدن اندر موبائل فون روڪ رقم ۽ موٽرسائيڪلون ڦر ڪيون ويون آهن جنهن سبب صحافين ۾ سخت بيچيني پکڙيل آهي وفد زور ڀريو ته امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي، صحافي سجاد علي شاهه جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل سميت ٻين صحافين کان ڦر ڪيل سامان جي واپسي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڦرن ۾ ملوث ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ان موقعي تي ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو چيو ته ضلعي ۾ مجموعي طور امن امان جي صورتحال اڳ جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي ھن صحافين کان ڦر وارن واقعن جو سختي سان نوٽس ورتو ۽ واضح ڪيو ته ھر حال ۾ صحافين جو تحفظ ڪيو ويندو ھن وڌيڪ چيو ته پوليس ڏوهارين ۽ ڦورن خلاف ڪارروائين ۾ مصروف آهي، جنهن دوران ڪيترائي گهربل ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا آهن. هن صحافين جي وفد کي يقين ڏياريو ته سندن شڪايتن جو جلد ازالو ڪيو ويندو ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٻيهر گڏجاڻي ڪوٺائي ويندي، جنهن ۾ ڊي ايس پي ۽ لاڳاپيل ايس ايچ اوز کي پڻ طلب ڪيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Sep 2026
•
پاکستان
پاکستان انجینئرنگ کونسل نے عالمی پاکستانی انجینئرنگ کمیونٹی کو جوڑنے کے لیے برین گین پورٹل کا آغاز کردیا
15th Sep 2026
•
سندھ
کمشنر کراچی کے احکامات کی روشنی میں ڈپٹی کمشنر ایسٹ کی خاص ہدایت پر گلستان جوہر میں تجاوازات کے خلاف گرینڈ آپریشن
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
15th Sep 2026
•
پاکستان
پاکستان انجینئرنگ کونسل نے عالمی پاکستانی انجینئرنگ کمیونٹی کو جوڑنے کے لیے برین گین پورٹل کا آغاز کردیا
15th Sep 2026
•
سندھ
کمشنر کراچی کے احکامات کی روشنی میں ڈپٹی کمشنر ایسٹ کی خاص ہدایت پر گلستان جوہر میں تجاوازات کے خلاف گرینڈ آپریشن
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ وڌندڙ بدامني جي
0 تبصرے