موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن سومار ڳوٺ ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي گاڏي تي فائرنگ ڪئي: فقير عبدالقادر شر
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي نائب صدر فقير عبدالقادر شر جي گاڏي تي نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جڏهن ته جوابدار واردات بعد فرار ٿي ويا واقعي سومار ڳوٺ ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي پيش آيو، جتي موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن فقير عبدالقادر شر جي گاڏي کي نشانو بڻائيندي اوچتو فائرنگ ڪئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ گاڏي کي نقصان پهتو، جڏهن ته خوش قسمتي سان فقير عبدالقادر شر محفوظ رهيو واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو. اطلاع ملڻ تي پوليس موقع تي پهچي واقعي واري هنڌ تان شواهد گڏ ڪيا ۽ علائقي کي گهيرو ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي.فقير عبدالقادر شر واقعي بابت ٻڌايو ته هو پنهنجي ذاتي ڪم سان نيشنل هاءِ وي تان گذري رهيو هو ته اوچتو موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن مٿس فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن سان هو معجزاتي طور بچي ويو.پوليس موجب واقعي جا سبب في الحال معلوم نه ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته واقعي بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي. پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪرڻ ۽ عين شاهدن جا بيان قلمبند ڪري رهي آهي ته جيئن جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري سگهجي.قانوني برادري ۽ گلشنِ حديد ملير بارايسوسيئيشن واقعي تي سخت تشويش جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن کي ترت گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ وڪيلن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.
0 تبصرے