English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
لکي غلام شاهه ۾ ناري فائونڊيشن پاران معذورن ۾ ويل چيئر ورھائڻ واري تقريب منعقد
164 views
|
13th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٽائون ڪميٽي هال ۾ منعقد تقريب دوران 30 کان وڌيڪ معذورن ۾ ويل چيئر ورهايون ويون
شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور جي لکي غلام شاھہ جي ٽائون ڪاميٽي ھال ۾ ناري فائونڊيشن پاران معذورن جي لاءِ ويل چيئر ورھائڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب جو مهمان خاص پ پ ايم پي اي محمد عارف خان مهر جن شرڪت ڪئي 30 کان وڌيڪ معذورن ۾ ويل چيئر پ پ ايم پي اي محمد عارف خان مهر پاران تقسيم ڪيون ويون ان موقعي تي پ پ ايم پي اي محمد عارف خان مهر چيو ته ناري فائونڊيشن ۽ بابر ڀائي جي طرفان ويل چيئر جي ورھاست جو جيڪو پروگرام رکيو ويو آھي اھو سٺو عمل آھي جيڪي ماڻھون نااميد آھن ۽ مايوس آھن ان جي تڪليف ختم ڪرڻ لاء ھي ھڪ بهترين عمل ۽ ڪم آھي مان چاھيندس ته ناري فائونڊيشن اڄان سٺي نموني ڪم کي وڌائين ڇو ته اڄان ڪافي مستحق رھيل آھن ھن پليٽ فارم تان اگر ٻيون سھولتون به آھن ته اھي به مستحقين کي فراھم ڪن ھنن وٽ اھڙو ڪو به پروگرام آھي ته ٻڌائڻ مان پاڻ ۽ سنڌ گورنمينٽ ڪوشش ڪنداسين ته ھنن کي اھو پروگرام پرووائيڊ ڪيون ته جيئن ھي اسان سان شانه بشانه ھلي سگهن جيئن معذور مايوسي کان ٻاھر نڪرن، چيئرپرسن بابر ڀائي چيو ته اسين نهائتي شڪر گذار آھيون پ پ ايم پي اي محمد عارف خان مھر جا جن اسان جي ھن پروگرام ۾ شرڪت ڪري اسان کي مان بخشيو اسان سڄي پاڪستان جيان ضلع شڪارپور ۾ 30 ويل چيئر ورھايون پيا ھي ويل چيئر سٺي ڪوالٽي جون آھن اھي خوش نصيب انسان آھن جن کي ھي ويل چيئر ملي رھيون آھن، ناري فائونڊيشن جي ڊائريڪٽر زاھده ڪاڪيپوٽو چيو ته ناري فائونڊيشن جي ھي ويل چيئر مستحقين کي سپورٽ ڪري رھي آھي ان ۾ بابر ڀائي جو ساٿ آھي اڄ جي ھي تقريب معذورن لاء بھترين تقريب آھي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ اي سي لکي راجيس ڪمار، ٽائون آفيسر راجه سعيد اڪبر مهر، ٽائون چيئرمين غلام حيدر عرف ديدار ڀٽو، حاجي اسلم ميمڻ، ريجنل ڊائريڪٽر ميڊم افشان، ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ناري فائونڊيشن انور علي مهر، ۽ ٻين معززين پڻ شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
لکي غلام شاهه ۾ ناري فائونڊيشن
تقريب جو خاص مهمان پاڪستان پيپلز پارٽي
معذورن لاءِ ويل چيئر ورھائڻ
0 تبصرے