English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جيئي سنڌ محاذ پاران سنڌ ۾ نوجوانن جي قتل خلاف رزاق آباد ۾ احتجاجي ريلي
156 views
|
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ريلي جي اڳواڻي ضمير حاجاڻو، فيض هيسباڻي، خدا ڏنو شاهه، فريد بلوچ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ نوجوانن جي قتل جي واقعن خلاف جيئي سنڌ محاذ (رياض چانڊيو) طرفان رزاق آباد جي مک چوڪ کان عوامي پريس ڪلب ملير تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي. ريلي جي اڳواڻي ضمير حاجاڻو، فيض هيسباڻي، خدا ڏنو شاهه، فريد بلوچ، حاجي صديق ڪلمتي، اقبال ڪلمتي ۽ وهاب گبول ڪري رهيا هئا، جڏهن ته ريلي ۾ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.ريلي ۾ شريڪ مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مظاهرين ملير ۾ قتل ٿيل لطيف ڪلمتي، بدين ۾ ڪيلاش ڪولهي ۽ دادو ۾ قتل ٿيل نوجوان نادر جمالي جي قاتلن جي فوري گرفتاري جا مطالبا ڪندي اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا.احتجاجي ريلي مختلف رستن تان ٿيندي عوامي پريس ڪلب ملير پهتي، جتي مظاهرين ڌرڻو هنيو. ڌرڻي دوران اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ نوجوانن جو قتل روز جو معمول بڻجي چڪو آهي، پر افسوس جو قاتل بي خوف گهمي رهيا آهن ۽ متاثر خاندانن کي انصاف نٿو ملي.اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، جيڪا عوام کي جان ۽ مال جو تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام آهي. هنن الزام لڳايو ته پوليس ۽ انتظاميه بااثر ماڻهن جي آشيرواد هيٺ ڪم ڪري رهي آهي، جنهن سبب غريب ۽ بي وس نوجوانن جو رت سستو ٿي ويو آهي.خطاب ڪندڙ اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن لطيف ڪلمتي، ڪيلاش ڪولهي ۽ نادر جمالي جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به تحريڪ هلائي ويندي.ريلي ۽ ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن سنڌ ۾ امن امان جي بحالي، قاتلن جي گرفتاري ۽ متاثر خاندانن کي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي اعلان ڪيو ته جيستائين انصاف نٿو ملي، جدوجهد جاري رهندي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جيئي سنڌ محاذ پاران سنڌ ۾ نوجوانن ج
0 تبصرے