English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪڙيو گھنور ۾ سنڌي ھاري تحريڪ جو مرڪزي ڪنوينشن ھاري ڪانفرنس ۽ يوم فاضل جو جلسه عام, اياز لطيف پليجو ۽ ٻيا شريڪ
11 views
|
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڪڙيو گھنور: بدين ضلعي جي شھر ڪڙيو گھنور ۾ سنڌي ھاري تحريڪ جو مرڪزي ڪنوينشن ھاري ڪانفرنس ۽ يوم فاضل جو جلسه عام ٿيو، جنھن ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿيو، جڏھن تہ صدارت سنڌي ھاري تحريڪ جي نئين چونڊيل صدر ڪامريڊ ڪرڙ ريباري ڪئي. ڪڙيو گھنور پھچڻ تي اياز لطيف پليجو کي شھرين، واپارين، ھارين، آبادگارن سميت ھزارين ماڻھن گلن جي ورکا ڪري سان شاندار استقبال ڪيو ، جنھن کان پوءِ کيس ھڪ وڏي جلوس ۾ جلسه عام پھتو جتي اياز لطيف پليجي سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي نون چونڊيل عھديدارن کي حلف کڻايو. جنھن ۾ صدر ڪرڙ ريٻاري، سيئنر نائب صدر حبيڀ الله پليجو، نائب صدر اسماعيل مھيري، نائب صدر گل حسن برھماڻي، جنرل سيڪريٽري عبدالله چانڊيو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري يوسف لاشاري، جوائنٽ سيڪريٽري جلال بجير، رابطا سيڪريٽري ڪمال شر، خزانچي نواب الله ڏاهري، پريس سڪريٽري رازو مل ڪولھي، جڏھن تہ مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن ۾ سرور گاجاڻي، ڪامريڊ غلام حسين سولنگي، نادر لغاري، شوجي ڪولھي، گورڌن ميگهواڙ، حضور بخش ڏاهري، اسماعيل مهيري، صديق اوٺو، اسد ٻڌ، رمضان رند چونڊيا ويا. ھاري ڪانفرنس ۽ يوم شھيد فاضل راهو جي جلسہ عام کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ دنيا جي جن علائقن ۾ سامونڊي پٽي ۽ تيل ۽ گئس ھوندا آھن اتان جو عوام خوشحال ھوندو آھي پر افسوس بدين ضلعي وٽ سمنڊ، انيڪ قدرتي وسيلا ھجڻ باوجود ھتان جو عوام بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن. اصل طاقت ھاري، پورھيت ۽ محنت ڪش عوام آھي. سنڌي ماڻھو مصلحتن خاموش ويھڻ ۽ ٻين جي اٿڻ جو انتظار ڪرڻ بدران پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن، ناانصافيون بدراشت نہ ڪيو، حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪيو. حڪمران ڪمزور آھن. عوام کي خاموشي ڪرپٽ حڪمرانن کي طاقتور بنائي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو تہ شھيد فاضل راهو سنڌ جو سگھارو آواز ھو. سندس جدوجهد جي ڪري ھو تاريخ ۾ سدائين زندھ رھندو. شھيد فاضل راھو سنڌ ۽ مظلوم عوام جي اميد ۽ حوصلو ھو. قومي عوامي تحريڪ سندس واٽ تي ھلي پاڻي، درياھ تي ڌاڙي، مظلوم عوام سان ظلم ۽ سنڌ جي حقن لاء جدوجھد ڪري رھي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ شھيد فاضل راهو سدائين مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد جو درس ڏنو. فاضل راهو ھر ڪاري رات خلاف وڙهندي پنهنجي زندگي گذاري. اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي جي مسلسل چوٿين حڪمراني سنڌ کي المين جي ڌرتي بنائي ڇڏيو آھي. ٿوري ٿوري وقت سان اھڙا درندگي جا واقعا پيش اچن ٿا جو ماڻھن جا لڱ ڪانڊارجو وڃن. سنڌ کي مقتل گاھ بنايو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پنجاب ۽ خيبر پختونخواھ جي حڪومتن ۾ انتظامي ۽ ترقياتي منصوبن جو مقابلو آھي ۽ سنڌ ۾ ڪرپشن، ڏوھن، اغوائن، ڦرن ۽ ماڻھن کي فقير بنائڻ جو مقابلو ھلي رھيو آھي. پيپلز پارٽي جي 18 سالن کان مٿي جي حڪمراني سنڌ جي سمورن ادارن کي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي. ڪرپشن جا نوان نوان طريقا ايجاد ڪري سنڌ کي تباھ ڪيو ويو آهي. ڪرپشن انصاف ۾ رڪاوٽ آھي. سرڪاري اسپتالن ۾ معياري علاج ناھي. سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي۔ ادارن کي تباھ ڪيو پيو وڃي۔ سفارش ۽ رشوت کي ڪلچر بنايو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سڀني صوبن کي جوڙي رکڻ جو ذريعو آئين، عدليه، پارليامينٽ ۽ درياھ سنڌ آهن. سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ گورننس ۽ آئين جي بالادستي جو بحران آهي. سنڌ مان چونڊيل پارٽين عوام کي مايوس ڪيو آهي، اھي خود احتساب ڪن. اياز لطيف پليجي چيو تہ مسئلن جو حل پابندين، جيل، ٽڪراءَ ۾ ناهي پر منصفاڻِي ۽ جمهوري فيڊريشن ۾ آهي. سنڌ جي بقا ۽ مستقبل جو دارومدار درياءِ سنڌ تي آهي. حڪمرانن لاءِ هاڻي عوام، روزگار، زراعت ۽ پاڻي اهميت نٿا رکن. اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪڏهن آئين کي نقصان پهچندو تہ پاڪستان جي 25 ڪرڙو عوام جو نقصان ٿيندو. سنڌ کي لينڊ مافياز ۽ قبضاگيرن جي حوالي ڪيو ويو آهي. حڪومت اقتداري مفادن خاطر عوام جي حقن تان هٿ کڻي چڪي آهي. گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جي زمينن ۽ پاڻي تي قبضا ڪرڻ بند ڪيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ ۾ عوام جي نمائندگي ڪندڙ اسيمبليون موجود ناهن. موجوده پارليامينٽ ۾ عوام جو حقيقي مينڊيٽ شامل ناهي. جيڪا حڪومت عوام کان ماني جو گرھ کسي وٺي، اها ڪهڙي گورننس ڏيندي؟ 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن سان عدليه ۽ صحافت کي پيڪا ذريعي ختم ڪيو ويو.سنڌ ۾ ظلم ۽ زيادتي جاري آهي، چونڊون چوري ڪيون ويون آهن. ملڪ سختي سان نہ پر حقيقي چونڊن ۽ انصاف سان ترقي ڪندو. اياز لطيف پليجي چيو ته بدين ۾ ميڊيڪل، انجنيئرنگ، زرعي ۽ آئي ٽي يونيورسٽيون قائم ڪيون وڃن. بدين جي تيل ڪمپنين ۾ مقامي ماڻھن کي روزگار ڏنو وڃي. بدين ضلعو سڄي سنڌ ۾ تيل جي پيداوار ڏيندڙ ضلعو آھي، تيل جي رائلٽي حڪمران کڻي وڃن ٿا. بدين ڪنھن دور ۾ شگر اسٽيٽ ھو، پاڻي بند ڪري ۽ سارين ۽ ٻين فصلن جا اگھ ڪيرائي آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو ويو آھي. بدين سميت سنڌ تي هٿرادو غربت مسلط ڪئي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي جيستائين اقتدار ۾ رھندي تيستائين سنڌ جا ماڻهو ان مان چڱائي جي اميد نہ رکن. سنڌ جو عوام ڪرپٽ مافيا جي گھيري ۾ آھي. ڪرپشن ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آھي. نيب، ايف آئي اي ۽ اينٽي ڪرپشن ڪرپٽ ماڻھن جي ڪنٽرول ۾ آھن. ملڪ ۽ قومون شفافيت سان ترقي ڪن ٿيون. ترقياتي ڪمن جا ٺيڪا وڪامن ٿا ۽ پوءِ ناقص ڪم ڪري اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي وڃي ٿو، اھڙي صورتحال ۾ سنڌ ۽ ملڪ ڪيئن ترقي ڪري سگھي ٿو. عوام جي حقن تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا. ميرٽ، قانون، آئين جون ڌڄيون اڏايون وڃن ٿيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي حڪومت اقتداري مصلحت تحت 18 سالن کان سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. پيپلز پارٽي کي سنڌ لٽڻ لاءِ ڏني وئي آھي ۽ ان جي بدلي ۾ سنڌ جي وسيلن تي وفاق ڌاڙا ھڻي رھيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ڪرپشن، ڌاڙيل ڪلچر، قبيلائي دھشتگردي، منشيات، لاقانونيت، جھالت، سرداري، جاگيرداري ۽ وڏيرا شاهي نظام تباھ ڪري ڇڏيو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت چاھي ھا تہ سنڌ ۾ قانون ۽ انصاف جي حڪمراني قائم ٿي وڃي ھا پر افسوس آھي جو اقتدار جي 18 سالن ۾ سنڌ سان خطرناڪ حشر ڪيو ويو آھي. پيپلزپارٽي چاھي ٿي سنڌي ماڻهو خوشحال بدران اسان جا غلام ھجن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ست ڪروڙ سنڌي پيپلزپارٽي مان اميد ڪرڻ بدران سنڌ حڪومت جي خراب حڪمراني خلاف جدوجھد تيز ڪن. سنڌي ھاري تحريڪ جي نئون چونڊيل مرڪزي صدر ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي. پاڻي کوٽ، نقلي ٻج، دوائون ۽ زرعي دوا آبادگارن کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آھي. وياج خوف مافيا آبادگارن ۽ ھارين کي نپوڙي ڇڏيو آھي. آبادگارن کي ٽن سالن لاء ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائون مفت ڏنيون وڃن. ٻوڏن، برساتن ۽ مسلسل اگھ نہ وڌڻ ڪري آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ٿيو آھي. زرعي قرض معاف ڪري ٽريڪٽر ۽ ٻيا زرعي اوزار سستا ڪيا وڃن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو جي خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي چاھي ٿي تہ سنڌ جا ھاري، مزدور، شاگرد بيدار نہ ھجن. باشعور نہ ٿين اھي جاھل وڏيرڪي، سرداري، جاگيرداري ۽ عوام دشمن سرمائيداري نظام جي غلامي ۾ قيد ھجن. ڪنڌ کڻي ھلي نہ سگھن. قومي عوامي تحريڪ مسلسل سنڌ جي حقن لاءِ جدوجھد جي ميدان تي موجود آھي تہ سنڌ جي ماڻھن کي وطن دوست، قومي، انقلابي نظريي ۽ سوچ سان ھٿياربند بہ ڪري رھي آھي. سڄي سنڌ ۾ ھر ڳوٺ ۽ شھرن ۾ ھارين، مزدورن، ٻارن نوجوانن ۽ عورتن کي بيدار ڪندي پئي اچي . سنڌي ھاري تحريڪ جي نئين چونڊيل جنرل سيڪريٽري عبدالله چانڊيو خطاب ڪندي چيو تہ ھن يزيدي دور ۾ ست ڪڙور سنڌي مسئلن ۾ گھيريل آھن سڄي سنڌي ماڻھن کي پنھنجي قوم دوست، وطن دوست ۽ سنڌ جي حقيقي قومپرست سياسي پارٽين ۽ قيادتن سان گڏ بيھڻو پوندو. صرف سوشل ميڊيا تي ڌائڻ سان، مايوسي ۽ ڊپريشن پکيڙڻ سان مسئلا حل ڪون ٿيندا. سنڌ جي ھر ھارين، مزدورن عورت، ٻارن، شاگرد ۽ نوجوان کي سياست سان جُڙڻو پوندو. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ شازيه احمداڻي خطاب ڪندي چيو تہ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپور خاص، ٺٽو، سجاول، لاڙڪاڻو ،بدين ضلعن سميت سڄي سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ لکين غير قانوني پرڏيھي ويٺل آھن، انھن کي سنڌ مان نيڪالي نہ پئي ڏني وڃي سنڌ حڪومت ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي واري آپريشن جي نالي ۾ ڊرامو ڪيو پيو. پيپلز پارٽي اٽي، لٽي ۽ اجھي جا ڪوڙا نعرا ھڻي سنڌ جا وسيلا وڪڻي ڇڏيا ۽ سنڌي ماڻھن کي پنھنجي وطن ۾ بي وطن ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. سنڌ ۾ ڪرپشن جو راڄ قائم ڪري ھر کاتي جي ڪارڪردگي عوام دشمن بنائي ڇڏي آھي. جلسي کي گيانچند مھيشوري، سانول گوپانگ، حسين درس سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ سونهن گوپانگ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
بدين ضلعي
ڪڙيو گھنور ۾ سنڌي ھاري تحريڪ جو
اياز لطيف پليجو ۽ ٻيا شريڪ
0 تبصرے