اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان ڀنگوار سينٽر جو افتتاح ڪيو
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڪنري شهر ۾ آن لائين لاجسٽڪ سينٽر جي قيام جي حوالي سان افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي ۽ واپاري شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تفصيل موجب ڪنري جي الله والا چوڪ تي آن لائين بڪنگ جي سهولت فراهم ڪندڙ “نيو وي فائنڊر لاجسٽڪ سينٽر” جي افتتاحي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن جو افتتاح اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان ڀنگوار ڪيو. ان موقعي تي سياسي ۽ سماجي شخصيتن توڙي واپاري برادري غلام ياسين ميمڻ، ملڪ محمد چانڊيو، راجا اسد علي علوي، چوڌري احتشام اقبال آرائين، محمد اقبال انجم، محمد حنيف آرائين، ڊاڪٽر پرڪاش مهيشوري، حاجي محمد قاسم ڀٽي سميت ٻيا به وڏي تعداد ۾ موجود هئا. سينٽر جي مالڪ شاھ مير آرائين ۽ عثمان آرائين آن لائين ٽريڊنگ بزنس بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سينٽر تي نوجوانن کي ٽن مهينن جو فزيڪل ۽ آن لائين ڪورس ڪرايو ويندو، جيئن هو گهر ويٺي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهن. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد خان ڀنگوار چيو ته اڄ ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جو دور آهي، جنهن ۾ ايمازون جهڙيون ويب سائيٽون موجود آهن، جتي ٽريڊنگ، خريداري ۽ معاشي سرگرميون ٿين ٿيون. فري لانسنگ ذريعي نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گهر ويٺي ننڍو توڙي وڏو ڪاروبار ڪري سگهن ٿا، جنهن لاءِ نه دڪان جي ضرورت آهي ۽ نه آفيس جي. هن چيو ته شهر ۾ اهڙي سينٽر جي قيام سان قابل نوجوان ٽريڊنگ ۽ لوڊنگ جي شعبي مان فائدو حاصل ڪري سگهندا، جنهن سان نوجوانن لاءِ روزگار جا بهتر موقعا پيدا ٿيندا. هن سينٽر جي مالڪن کي هر ممڪن تعاون جو يقين پڻ ڏياريو.
0 تبصرے