اجلاس جي صدارت مولانا خليفه محمد پارسا طاهري ۽ ٻين ڪئي
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) جمعيت علماءِ طاهريه ضلعي عمرڪوٽ جو ساليانو سليڪشن اجلاس 4 جنوري 2026ع آچر ڏينهن مدرسه طاهريه نقشبنديه عمرڪوٽ ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سال 2026ع لاءِ نون عهديدارن جي چونڊ عمل ۾ آندي وئي، اجلاس جي صدارت ۽ نگراني جمعيت علماءِ طاهريه جي صوبائي اڳواڻن مولانا خليفه محمد پارسا طاهري، مولانا عطاءُ الله مگسي طاهري ۽ مولانا محمد حسان طاهري ڪئي، جڏهن ته خليفه قبله سائين سڪيلڌو طاهري خصوصي طور شرڪت ڪئي، اجلاس جي شروعات تلاوتِ ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ بارگاهِ رسالت ﷺ ۾ نعت شريف ۽ حضور سائين جي شان ۾ منقبت پيش ڪئي وئي، تنظيم کي وڌيڪَ فعال بڻائڻ لاءِ متفقه طور سال 2026ع لاءِ نئين باڊي چونڊي وئي، چونڊ موجب مولانا خليفه محمد عنصر طاهري کي صدر، مولانا منور علي طاهري کي سينيئر نائب صدر، حافظ موثر طاهري کي نائب صدر، مولانا اسد عالم طاهري کي جنرل سيڪريٽري، قاري شبير احمد طاهري کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ مولانا شهاب الدين طاهري کي فنانس سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، ان کان علاوه حافظ نظر محمد طاهري پريس سيڪريٽري، مولانا عبدالمجيد طاهري آڊيٽر، حافظ محمد حمزه طاهري آفيس سيڪريٽري، حافظ اسدالله طاهري معاون صدر ۽ حافظ محمد شعيب طاهري کي معاون جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو، اجلاس جي پڄاڻي تي صوبائي اڳواڻن نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته نئين قيادت ضلعي عمرڪوٽ ۾ جمعيت علماءِ طاهريه جي ديني، تنظيمي ۽ اصلاحي سرگرمين کي وڌيڪَ منظم ۽ موثر بڻائيندي، آخر ۾ ملڪ، ملت ۽ تنظيم جي ڪاميابي لاءِ دعا گهري وئي.
0 تبصرے