English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور جي پورهيت جو موروثي زمين تي مبينا قبضي ۽ حملن خلاف احتجاج
154 views
|
05th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
منصور ڀٽي، اعظم ڀٽي، غلام شبير ڀٽي ۽ نور محمد زبردستي سندس زمين تي قبضي جون ڪوششون ڪري رهيا آهن: الزام
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شڪارپور واسي پورهيت قاري محمد الياس ڀٽي پنهنجي موروثي سروي زمين تي قبضي جي ڪوششن ۽ مبينا جاني حملن خلاف عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هو تعلقي خان پور جي يوسف ڀٽي ڳوٺ جو رهواسي آهي ۽ خان پور تعلقي ۾ سندس 7 ايڪڙ موروثي سروي زمين آهي، جيڪا سندس خاندان نسلن کان آباد ڪندو پيو اچي زمين جا قانوني ڪاغذ ۽ دستاويز سندس والد سوڍو خان ڀٽي جي نالي تي موجود آهن قاري محمد الياس ڀٽي الزام هنيو ته باوجود قانوني مالڪي جي، بااثر ماڻهون منصور ڀٽي، اعظم ڀٽي، غلام شبير ڀٽي ۽ نور محمد زبردستي سندس زمين تي قبضي جون ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ کين پنهنجي ذاتي زمين آباد ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي، جيڪا سندن ٻچن جي گذر سفر جو واحد ذريعو آهي هن چيو ته هن معاملي بابت حد جي پوليس اسٽيشن رحيم آباد، ايس ايس پي شڪارپور، آءِ جي سنڌ، وزيراعليٰ سنڌ ۽ گورنر سنڌ کي لکت ۾ درخواستون ڏنيون آھن جنهن کان پوءِ بااثر مڇرجي پيا ۽ ڪراچي عبدالله ڳوٺ ۾ موجود منھنجي دڪان تي مبينا حملو ڪري پٽ کي سخت زخمي ڪري وڌو واقعي جي ايف آءِ آر به داخل ڪرائي پر پوليس ڄاڻايل بااثرن خلاف ڪابہ ڪاروائي نہ ڪئي قاري محمد الياس ڀٽي وڌيڪ چيو ته تازو ڳوٺ ۾ سندس پٽ تي ٻيهر قاتلاڻو حملو ڪيو ويو آھي هن الزام هنيو ته بااثر قبضاگير کيس ڪٽنب سميت قتل ڪري زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا ھن وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، ايس ايس پي شڪارپور ۽ ٻين وس وارن اختيارين کان اپيل ڪئي ته سندس ڪٽنب کي جاني تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ موروثي سروي زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪندڙ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ بااثر ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور جي پورهيت جو موروثي
قاري محمد الياس ڀٽي
0 تبصرے