پورهيتن پاران پورٽ قاسم پورهيتن جي يونين صدر نويد سولنگي تي مل مالڪن سان ملي ڀڳت جا الزام
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گهگهر ڦاٽڪ سميت پورٽ قاسم واري علائقي ۾ پورهيتن پنهنجي بنيادي حقن جي عدم ادائيگي ۽ يونين قيادت جي مبينا ناجائزين خلاف سوين جي تعداد ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڇڏي. هڙتال سبب ڪيترن ئي صنعتي يونٽن ۾ ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿيون آهن.هڙتال ڪندڙ پورهيتن جو چوڻ آهي ته گذريل ٽن سالن کان کين قانوني حق فراهم ناهن ڪيا ويا، جڏهن ته اجورو به پورو ادا نٿو ڪيو وڃي. پورهيتن موجب بار بار شڪايتن باوجود انتظاميا طرفان ڪو به سنجيده قدم ناهن کنيو ويو.پورهيتن پورٽ قاسم پورهيتن جي يونين صدر نويد سولنگي تي مل مالڪن سان ملي ڀڳت جا الزام هنيا آهن. سندن موقف آهي ته ليبر قانون موجب يونين صدر جو مدو ٻه سال مقرر آهي، پر نويد سولنگي گذريل ٽن سالن کان غيرقانوني طور عهدو سنڀالي ويٺو آهي.ان موقعي تي پورهيتن جي اڳواڻن گل حسن سولنگي ۽ برڪت مستوئي چيو ته يونين قيادت پورهيتن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. هنن ليبر کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي پورهيتن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي،
0 تبصرے