English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏيپلو ويجهو ايم اين اي نيلم ڪماري جي پروگرام ۾ شرڪت
110 views
|
02nd Jan 2026
•
سنڌي خبرون
تعليم جي واڌ ويجهه لاءِ اهڙا قدم مستقبل کي روشن بڻائيندا: نيلم ڪماري
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڳوٺ ڏاڀڙي، تعلقو ڏيپلو ۾ ھنگڙاهائوس تي هڪ شاندار سماجي ۽ تعليمي پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر نواز ليگ ايم اين اي نيلم ڪماري خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، پروگرام دوران شاگردن ۽ ٻارن ۾ مفت ڪتابن جا ٿهيلا ورهايا ويا، جڏهن ايم اين اي ادي نيلم ڪماري جو ڀرپور آجيان ڪيو ويو، پروگرام جي ميزباني رميش ٽاڀاڻي، ڳاڳن ٽاڀاڻي، واڻيان برادرس ۽ ڳوٺ ڏاڀڙي وارن ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي ايم اين اي نيلم ڪماري تعليم جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اقليتي علائقن ۾ تعليم جي واڌ ويجهه لاءِ اهڙا قدم مستقبل کي روشن بڻائيندا، ان کان علاوه، ڏيپلو شهر ۾ سماجي اڳواڻ ڳنيش ميگهواڙ جي دعوت تي هڪ ٻيو وڏو اجتماع تلو پاڙي ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايم اين اي نيلم ڪماري سان گڏ موهن لال موتياڻي، ڀمرلال ڪرناڻي،وشن داس ڪماليه سميت ٻين پڻ شرڪت ڪئي، پروگرام ۾ ڏيپلو شهر ۽ آس پاس جي ڳوٺن مان ميگهواڙ برادري جي معزز شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شرڪت ڪندڙن ۾ ڀوجو مل، ليمون مل، وڪو مل، نهال ميگهاڻي، ٿانور داس، پنھون ولاسائي، ميوا رام ساقي، رميش ڪمار، ڊيوجي ڏيپلائي، ايسر داس بچاڻي، تنو مل پنجاڻي، راڻو مل، روشن راهي، سيٺ رميش هنگڙا، ڪامريڊ فوٽو مل، ٽيڪم داس، ضياءُالدين بلوچ سميت ڪيترائي ٻيا معزز شامل هئا، جن خوشيءَ جو اظهار ڪندي تحفا پڻ ڏنا، ٻئي طرف، اقليتي عورتن به وڏي پيماني تي شرڪت ڪري نيلم ڪماري سان محبت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو، نئين سال جي خوشي ۾ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو، آخر ۾ سماجي ايڪٽوسٽ نوجوان ڳنيش ميگهواڙ ۽ تلو پاڙي جي رهواسين نئين سال تي شرڪت ڪرڻ تي مهمانن جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو، پروگرام جي پڄاڻي تي پياري وطن پاڪستان جي ترقي، امن ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون ٻي پاسي ايم اين اي نيلم ڪماري نئوڪوٽ پھچي سيٺ جيسارام طرفان رکيل چانھ پارٽي ۾ شرڪت ڪئي جتي سيٺ سريش ڪمار ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏيپلو ويجهو ايم اين اي نيلم ڪماري
0 تبصرے