پ پ ملير جي سينيئر اڳواڻ الهڏنو اي ڊي جوکيو جون درساڻي ڇني ۾ آخري رسمون ادا

الهڏنو اي ڊي جوکيو جو مڙهه جنازي نماز بعد مزار خان جوکيو ڳوٺ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

پ پ ملير جي سينيئر اڳواڻ الهڏنو اي ڊي جوکيو جون درساڻي ڇني ۾ آخري رسمون ادا

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)پيپلز پارٽي ضلعي ملير جي سينيئر اڳواڻ ۽ عوامي جدوجهد جي نمايان نالي الهڏنو اي ڊي جوکئي جي آخري رسمون مزار خان جوکيو ڳوٺ، درساڻي ڇني ۾ ادا ڪيون ويون مرحوم جي جنازي نماز ۾ پيپلز پارٽي ملير جي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر راجا عبدالرزاق بلوچ، ايم پي اي ساجد جوکيو، سماجي اڳواڻ سيد خداڏنو شاهه، امداد جوکيو، قادر بخش ڪلمتي، سليم سالار، شبير شاھ عوامي پريس ڪلب ملير جي وفد جنرل سيڪريٽري سيد عنايت علي شاهه ايم زمان جوکيو، سليمان شاهه، مشتاق گبول ۽ اقبال ڪلمتي سميت وڏي تعداد ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي جن مرحوم جي سماجي ۽ سياسي خدمتن تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي مرحوم جو جنازو کڄڻ وقت علائقي ۾ سوڳ واري فضا ڇانيل رهي ۽ هر اک اشڪبار نظر آئي بعد ۾ الهڏنو اي ڊي جوکيو کي آلين اکين سان مقامي قبرستان ۾ سپردِ خاڪ ڪيو ويو،