سينيٽر خالدہ عتيب ڪنوينر ۽ اسسٽنٽ سيڪريٽري سينيٽ ثاقب انور کي خط موڪليو ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان اسٽيل انصاف ليبر يونين (CBA) سينيٽ جي ذيلي ڪميٽي براءِ وزارتِ صنعت ۽ پيداوار کي خط لکي مطالبو ڪيو آهي ته انهن کي پاڪستان اسٽيل ملز ۽ ان جي ملازمن کي درپيش مشڪلاتن ۽ مبينه انتقامي ڪاررواين بابت حقيقتون پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي يونين موجب هي اجلاس 6 نومبر 2025ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيڻ وارو آهي، جنهن ۾ سينيٽر خالدہ عتيب ڪنوينر ۽ اسسٽنٽ سيڪريٽري سينيٽ ثاقب انور کي خط موڪليو ويو آهي خط ۾ انصاف ليبر يونين جو چوڻ آهي ته اهي اپريل 2017ع کان اسٽيل ملز جي ورڪرن جي نمائنده تنظيم آهن، پر 2020ع کان انصاف جي تلاش ۾ مسلسل پريشان آهن، جڏهن ته سندن آواز کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي۔ يونين موجب وزارتِ صنعت ۽ پيداوار، بورڊ آف ڊائريڪٽرس ۽ انتظاميا جي روين سبب اسٽيل ملز جا هزارين ملازم سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن خط ۾ چيو ويو آهي ته يونين ڪميٽي جي سامهون حقيقتون رکڻ چاهي ٿي، جيئن حڪومت اسٽيل ملز جي بحالي ۽ ملازمن جي مسئلن جي حل لاءِ مؤثر قدم کڻي سگهي۔انصاف ليبر يونين سفارش ڪئي آهي ته ڪميٽي وزارت کان شفافيت لاءِ ڪجهه اهم دستاويزن جو مطالبو ڪري، جن ۾ شامل آهن سپريم ڪورٽ جون هدايتون بابت سي اي او جي مقرري ۽ مين پاور ريشنا لائزيشن (CA 327/2020)2008ع کان 2015ع تائين اسٽيل ملز جي سيلز، ريونيو ۽ پيداوار جي لاڳت جو تقابلي رڪارڊپاڪستان اسٽيل ڪرپشن ڪيس (SMC 15/2009) تي نيب جي اڳڀرائي، جيڪو 2012ع ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي FIA کان نيب ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو يونين جو چوڻ آهي ته اسٽيل مل جا متاثر ملازم، اسٽيل ٽائون ۽ گلشنِ حدید جا رهاڪو، ۽ اهي اسٽيڪ هولڊرز جن جا اربين رپيا اسٽيل ملز ۾ ڦاٿل آهن، انهن جي مالي مفادن جو تحفظ ضروري آهي يونين اميد ظاهر ڪئي آهي ته سينيٽ جي ذيلي ڪميٽي انهن کي اجلاس ۾ موقف پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي، جيئن پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي ۽ ملازمن جي ديرينه مسئلن جو حل ممڪن بڻائي سگهجي۔
0 تبصرے