جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

ملير بار جي سيٽ تان ايڊووڪيٽ رياض ڀٽي جي ڪاميابي بعد سندس شاندار آجيان

سنڌي خبرون 03rd Nov 2025 272 مناظر
ملير بار جي سيٽ تان ايڊووڪيٽ رياض ڀٽي جي ڪاميابي بعد سندس شاندار آجيان

سنڌ بار ڪائونسل ۾ ملير جي وڪيلن ۽ عوام جي نمائندگي ايمانداريءَ سان ڪندس: ايڊووڪيٽ رياض ڀٽي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ بار ڪائونسل جي تازي چونڊن ۾ ملير بار ايسوسيئيشن جي سيٽ تان ڪامياب ٿيندڙ ايڊووڪيٽ رياض ڀٽي جي شاندار ڪاميابي تي وڪيل برادري خوشيءَ جو اظهار ڪندي، دهلن، شرناين ۽ گلن سان سينگاريل پالڪي ۾ جلوس ڪڍيو جلوس ملير ڪورٽ جي احاطي تائين پهتو جتي وڪيلن نچي ٽپي رياض ڀٽي جو شاندار استقبال ڪيو، جشن جي ماحول ۾ وڪيلن هڪٻئي کي مٺايون کارايون ۽ گلن جا پارايا۔موقع تي ڳالهائيندي، ايڊووڪيٽ رياض ڀٽي پنهنجي ڪاميابي کي وڪيل برادري جي اعتماد ۽ محبت جو نتيجو قرار ڏنو ۽ چيو ته هو سنڌ بار ڪائونسل ۾ ملير جي وڪيلن ۽ عوام جي نمائندگي ايمانداريءَ سان ڪندو۔ هن چيو ته هو وڪيلن جي فلاح، قانوني نظام ۾ سڌارا ۽ عدليه جي آزادي لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريندو ملير بار ايسوسيئيشن جي صدر، سيڪريٽري ۽ ٻين سينئر وڪيلن به رياض ڀٽي کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته سندس ڪاميابي ملير لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، جيڪا محنت، جدوجهد ۽ وڪيل برادري جي اتحاد جي علامت آهي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ