ملير بار جي سيٽ تان ايڊووڪيٽ رياض ڀٽي جي ڪاميابي بعد سندس شاندار آجيان

سنڌ بار ڪائونسل ۾ ملير جي وڪيلن ۽ عوام جي نمائندگي ايمانداريءَ سان ڪندس: ايڊووڪيٽ رياض ڀٽي

ملير بار جي سيٽ تان ايڊووڪيٽ رياض ڀٽي جي ڪاميابي بعد سندس شاندار آجيان

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ بار ڪائونسل جي تازي چونڊن ۾ ملير بار ايسوسيئيشن جي سيٽ تان ڪامياب ٿيندڙ ايڊووڪيٽ رياض ڀٽي جي شاندار ڪاميابي تي وڪيل برادري خوشيءَ جو اظهار ڪندي، دهلن، شرناين ۽ گلن سان سينگاريل پالڪي ۾ جلوس ڪڍيو جلوس ملير ڪورٽ جي احاطي تائين پهتو جتي وڪيلن نچي ٽپي رياض ڀٽي جو شاندار استقبال ڪيو، جشن جي ماحول ۾ وڪيلن هڪٻئي کي مٺايون کارايون ۽ گلن جا پارايا۔موقع تي ڳالهائيندي، ايڊووڪيٽ رياض ڀٽي پنهنجي ڪاميابي کي وڪيل برادري جي اعتماد ۽ محبت جو نتيجو قرار ڏنو ۽ چيو ته هو سنڌ بار ڪائونسل ۾ ملير جي وڪيلن ۽ عوام جي نمائندگي ايمانداريءَ سان ڪندو۔ هن چيو ته هو وڪيلن جي فلاح، قانوني نظام ۾ سڌارا ۽ عدليه جي آزادي لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريندو ملير بار ايسوسيئيشن جي صدر، سيڪريٽري ۽ ٻين سينئر وڪيلن به رياض ڀٽي کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته سندس ڪاميابي ملير لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، جيڪا محنت، جدوجهد ۽ وڪيل برادري جي اتحاد جي علامت آهي۔