English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: گلشن حديد ۾ جمعيت علماءَ اسلام جي پاڻي کوٽ ۽ بدامني خلاف ريلي
25 views
|
02nd Nov 2025
•
سنڌي خبرون
هڪ پاسي ملير بدامني جي باهه ۾ سڙهي رهيو آهي ته ٻي پاسي مختلف علائقن کي پاڻي جي فراهمي بند آهي: اڳواڻ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) جمعيت علماءَ اسلام گڏاپ ٽائون ملير طرفان انتظاميا جي نااهلي ۽ عوامي مسئلن خلاف گلشن جديد ۾ الخدمت اسپتال فيز ٽو کان الله واري چورنگي فيز ون تائين وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ سوين ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي جي اڳواڻي جمعيت علماءَ اسلام گڏاپ ٽائون جي امير مولانا عبدالقيوم صديقي، امير مولانا عبدالماجد چاچڙ، جنرل سيڪريٽري قاري ثناءُالله عثماني، مفتي مبشر، مولانا قاري محمد احسن، جنرل سيڪريٽري مولانا احسان الله، مولانا ولي الله هزاروي ۽ مفتي عبدالشکور ڪئي۔ ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڏوھ ختم ڪريو پاڻي جي کوٽ ختم ڪريو جا نعرا هڻندا رهيا ريلي جڏهن الله واري چوڪ پهتي ته وڏي جلسي ۾ تبديل ٿي وئي۔ ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هڪ پاسي سڄو ملير بدامني جي باهه ۾ سڙهي رهيو آهي، ته ٻئي پاسي ملير جون آبادين، خاص طور تي گلشن حديد، گهگھر پپري، گڏاپ ۽ ڀرپاسي جا علائقا سالن کان ترقياتي ڪم کان محروم آهن۔ لکين جي آبادي پاڻي، صفائي، سيوريج، روڊن ۽ صحت جي بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي، جڏهنته مقامي انتظاميا مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته قبرستانن، اسپتالن ۽ تعليمي ادارن جي خستہ حالي سبب شهري سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن، ۽ انتظاميا جي مسلسل غفلت سبب عوام ۾ بيچيني وڌي رهي آهي۔ قاري حمدالله حقاني چيو ته جيڪڏهن عوامي مسئلا جلد حل نه ڪيا ويا ته احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو۔ اڳواڻن سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته گڏاپ ٽائون جي عوام کي فوري طور بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد شروع ڪيو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Dec 2025
•
تازہ ترین
بدمعاشی کی صورت میں گورنر راج ممکن ہے - فیصل واوڈا کا سہیل آفریدی کو جواب
01st Dec 2025
•
سندھ
سماجی رہنما سید امتیاز الحق بخاری کی جانب سے حسیب جمالی کو کراچی ہائی کورٹ بار ایسوسی ایشن کا صدر منتخب ہونے پر شاندار مبارک باد
01st Dec 2025
•
سندھ
ملک میں پھیپڑوں کے بڑھتے ہوئے امراض انتہائی تشویش ناک ہے ڈاکٹر شکیل احمد صدیقی
01st Dec 2025
•
پاکستان
لائٹ ڈیزل اور مٹی کے تیل کی قیمتوں میں کمی کا اعلان
01st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ وٽ پرامن جدوجھد جي ڊگھي تاريخ آھي، ھاڻ بہ لکين ماڻھن سان رستن تي اچي سنڌ دشمن فيصلا ناڪام بڻائينداسين: اياز لطيف پليجو
01st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ليبر کاتي جي نئين ڊي جي نذير احمد سومرو جي ڪراچي حيدرآباد ۽ سکر سميت ٻين ريجن جي ريجنل ۽ جوائنٽ ڊائريڪٽرن سان تعارفي ملاقات
01st Dec 2025
•
تازہ ترین
بدمعاشی کی صورت میں گورنر راج ممکن ہے - فیصل واوڈا کا سہیل آفریدی کو جواب
01st Dec 2025
•
سندھ
سماجی رہنما سید امتیاز الحق بخاری کی جانب سے حسیب جمالی کو کراچی ہائی کورٹ بار ایسوسی ایشن کا صدر منتخب ہونے پر شاندار مبارک باد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
جمعيت علماءَ اسلام گڏاپ ٽائون
0 تبصرے