موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي تجرباتي ريهريسرل جو شاندار پروگرام منعقد

پروگرام جهاز کي باھ لڳڻ جو ايمرجنسي ۾ تجرباتي ريهرسل ڪئي وئي

موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي تجرباتي ريهريسرل جو شاندار پروگرام منعقد

ڏوڪري(اطهر ميمڻ) موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي ڦل اسڪيل ايمرجنسي ايڪسر سائيز 2025 جو تجرباتي ريهريسرل جو شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويو. جنهن م جهاز کي باھ لڳڻ جو ايمرجنسي م تجرباتي ريهرسل ڪئي وئي. پروگرام م پ پ اڳواڻ محمد علي امر خان ٻگهيو، اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانہ ميراڻي، ۽ٻين شرڪت ڪئي. ڏوڪري ڀرسان موهن جو دڙو تي هر سال جيان هن سال به ڦل اسڪيل ايمرجنسي ايڪسر سائيز 2025 جو تجرباتي ريهريسرل جو شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويو. جنهن جو آرگنائيزر موهن جو دڙو ائير پورٽ جو مئنيجر برڪت علي ساريو ۽ مهمانن م پاڪستان پيپلزپارٽي جو اڳواڻ محمد علي امر خان ٻگهيو، اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانہ ميراڻي، ايم ايس لاڙڪاڻو اسرار علي شاھ، ٻيا موجود هئا. ريهريسرل پروگرام م ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي جهاز جي انجڻ فيل ٿيڻ جي صورت م جيڪي تدارڪي عمل ڪيو ويندو آهي ان جي ريهريسرل پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي جي منظوري سان جهاز سڙڻ جو تجربو ڪيو ويو ته ايمرجنسي م جيڪڏهن جهاز کي باھ لڳي ته ان جو بچا۽ ڪئي ڪجي ۽ سڀ هٿرادو تجربو ڪري جهاز ڪيرايو ويو ۽ ان کي بچا جو تجربو ڪيو ويو ته باھ ڪئي وسائيجي يا ايمرجنسي م زخمي ٿيل ماڻهن کي جهاز مان ڪڍي ڪئي طبي امداد فراهم ڪئي وئي سڀ تجربا ڪيا ويا ۽ هڪ ڪامياب پروگرام ٿي گذريو. جنهن م ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورسز، صحت کاتي لاڙڪاڻو جي ٽيم پي پي ايڇ آئي، ريسڪيو 1122جي ٽيم، سنڌ انٽيگريٽيڊ ايمرجنسي ۽ هيلٿ سروس، ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو تعلقه اسپتال ڏوڪري چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو پوليس جي ادارن شموليت ڪئ ۽ حصو ورتو