حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران ڊينگي جي ڪيسن ۾ واڌ خلاف ۽ افغانين جي نيڪالي لاءِ احتجاج

نذير احمد بليدي، بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، زاھد ڀنڀرو، امداد پنهور ۽ ٻين نسيم ننگر چوڪ تي احتجاج ڪيو

حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران ڊينگي جي ڪيسن ۾ واڌ خلاف ۽ افغانين جي نيڪالي لاءِ احتجاج

حيدرآباد(بيورو)حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ ڊينگي جي وبا تي ڪنٽرول نہ ڪرڻ، غير قانوني افغانين کي نيڪالي نہ ڏيڻ، منشيات ۽ بدامني خلاف نسيم ننگر چوڪ تي احتجاج ڪيو، جنھن جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جو صدر نذير احمد بليدي، بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، زاھد ڀنڀرو، امداد پنهور، راول سيال، راجا چانڊيو، ڊاڪٽر الطاف ناگراج، ارصلاح بھلڪاڻي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي نظير بليدي خطاب ڪندي چيو تہ حيدرآباد ۾ ڊينگي جي وبا سبب 24 کان وڌيڪ ماڻھو فوت ٿي چڪا آھن. ھر ٻي گھر ۾ ڊينگي جو مريض آھي. جعلي ۽ بي اثر دوائن جو اسپري ڪرڻ سبب مڇر نہ پيا مرن. ماھوار ھر يوسي کي 12 لک روپيا ملن ٿا. 160 يونين ڪميٽين کي ماھوار 19 ڪروڙ 20 لک روپيا جاري ٿين ٿا. ھر ٽائون کي سوا 2 ڪروڙ روپيا ۽ ميئر جي بجيٽ سڀني کان وڌيڪ آھي. ڪروڙين روپين جا ٽيڪس وصول ٿين ٿا. لطيف آباد ۽ سٽي جون 44 يوسيز ۽ ھڪ ٽائون پي ٽي آئي وٽ آھي. انھن جي بجيٽ ڪيڏانھن ٿي وڃي. قاسم آباد، ٻھراڙي، لطيف آباد ۽ سٽي جي 116 يوسيز ۽ ٽائونز جا ماھوار ڪروڙين روپيا ھڙپ ڪيا پيا وڃن. جن وٽ چانھن پيئڻ جا پئسا نہ ھئا، اھي يوسي ۽ ٽائون جا چيئرمين ڪروڙ پتي ٿي ويا آھن. جنھنڪري حيدرآباد جو عوام ڊينگي ۽ مليريا ۾ تڙپي تڙپي مري رھيو آھي. بابو ميمڻ خطاب ڪندي چيو تہ حيدرآباد ۾ صحت کاتو مري رھيو آھي. ڪنھن بہ تعلقي اسپتال ۾ پليٽيليٽس لڳائڻ جي سھولت ناھي. ڪو آئي سي يو وارڊ ناھي. سول اسپتال ۾ بيڊ شيٽ بہ نٿي ملي. ليبارٽري جون مشينون خراب آھن. گندگي سبب سول اسپتال ۾ بدبو پکڙيل آھي. اڳواڻن چيو تہ حيدرآباد ۾ اھم عھدن تي نااھل ۽ ڪرپٽ ماڻھو ويھاري انھن کان من پسند ڪم ورتا پيا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ڪرپٽ ۽ نااھل آھي ۽ غير قانوني طور مقرر ٿيل آھي. زين العابدين 18 گريڊ جو ھجڻ باوجود صوبائي وزير جي ڪوٽا تي 19 گريڊ جي پوسٽ تي زبردستي ويھاريل آھي. لوڪل گورنمينٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ماروي سومرو 17 گريڊ جي ھجڻ باوجود ان کي غير قانوني طور تي صوبائي وزير جي فرمائش تي 18 گريڊ جي پوسٽ تي مقرر ڪيو ويو آھي. جنھن 160 يونين ڪميٽين ۾ ڪرپشن جي بازار لڳائي ڇڏي آھي. زاھد ڀنڀرو خطاب ڪندي چيو تہ حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد، ھوسڙي، ھالا ناڪا، قاسم آباد، گنجو ٽڪر ۽ ٻين علائقن ۾ غير قانوني افغانين جون ڪالونيون ٺھيل آھن. غير قانوني افغانين کي نيڪال نٿو ڪيو وڃي. پوليس جي سرپرستي ۾ سڄي ضلعي ۾ منشيات وڪرو ٿي رھي آھي. شھر ۽ ٻھراڙي ۾ کلي عام آئيس، سفينا، مين پڙي ۽ ٻي منشيات وڪرو ٿي رھي آھي، جنھنڪري نوجوان نسل تباھ ٿي رھيو آھي. روال سيال خطاب ڪندي چيو تہ بدامني سبب بہ چوريون ۽ ڦرون ٿي رھيون آھن. پوليس ڏوھارين خلاف ڪارروائي نٿي ڪري. پوليس ڏوھارين ۽ منشيات فروشن جي سرپرست بنيل آھي. قومي عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري تہ حيدرآباد ۾ ھيلٿ ايمرجنسي قائم ڪري ٻھراڙي جي سموريون يوسيز ۾ مڇردانيون ڏنيون وڃن. مڇرن جي خاتمي لاءِ اثرائتي دوا جو اسپري ڪرايو وڃي. حيدرآباد جي سمورين ليبارٽريز تي ڊينگي ۽ سي بي سي ٽيسٽ فري ڪئي وڃي. سول اسپتال سميت سمورين تعلقي اسپتالن ۾ معياري دوائون ڏنيون وڃن. اسپتالن ۾ صفائي جي نظام کي بھتر ۽ معياري بنايو وڃي. غير قانوني افغانين جي نيڪالي لاءِ آپريشن ڪيو وڃي. منشيات جي ڪاروبار م ملوث ماڻھو ۽ ان جي سرپرستي ڪندڙ پوليس وارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ڏوھن جو خاتمو آندو. نااھل ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ماروي سومرو کي ھٽائي اھل ۽ ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن.