English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جنگشاهي ۾ اسڪول جي نئين عمارت جو ڪم ٽن سالن کان رولڙي جو شڪار
231 views
|
30th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گورنمينٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول جنگشاهي جي نئين عمارت جو مڪمل نه ٿيو
ٺٽو (ڊ ر)گورنمينٽ بوائيز هائر سيڪنڊري اسڪول جنگشاهي جي نئين بلڊنگ جو تعميراتي ڪم گذريل ٽن سالن کان جاري هجڻ باوجود اڃا تائين بنيادن کان مٿي نه وڃي سگهيو آهي، جنهن سبب علائقي جي ٻارڙن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي۔ذريعن موجب، هن نئين تعمير ٿيندڙ اسڪول جو ڪم ٽي سال اڳ شروع ڪيو ويو هو، پر ٺيڪيدار جي سست رفتاري ۽ ايجوڪيشن ورڪس ڊپارٽمينٽ جي لاپرواهي سبب عمارت جو ڪم اڃا بنياد تائين بيٺل آهي۔وڌيڪ اطلاع آهن ته اصل ٺيڪيدار ڪم پيٽي ٺيڪيدار حوالي ڪري پاڻ منظر تان غائب ٿي ويو آهي، جنهن سان معاملو وڌيڪ پيچيده بڻجي ويو آهي، جڏهن تہ ڪم تي مقرر ليبر جو تعداد بلڪل گهٽ آهي۔ پيٽي ٺيڪيدار جو چوڻ آهي ته “مون وٽ ايترا وسيلا ناھن جو آئون ڪم ۾ تيزي آڻي سگھان.”مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪم ۾ استعمال ٿيندڙ سيمينٽ، ڪنڪريٽ ۽ ٻئي مٽيريل جو معيار انتھائی خراب آهي، جنهن سبب سڄو منصوبو ناقص بڻجي ويو آهي۔ٻي پاسي، اجائي دير سبب تعميراتي خرچ وڌڻ جو قوي امڪان موجود آهي، ۽ منصوبو "ريوائيز ڪرڻ" جون ڪوششون ٿي رهيون آهن ته جيئن ٺيڪيدار وڌيڪ منافعو حاصل ڪري سگهي۔علائقي واسين، والدين ۽ شاگردن جو ايجوڪيشن ورڪس ڊپارٽمينٽ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو آهي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي، ٺيڪيدار ۽ ذميوار عملدارن خلاف جاچ ڪرائي، منصوبو جلد مڪمل ڪرايو وڃي، ته جيئن ٻارڙن کي بهتر تعليمي ماحول ملي سگهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
آسمان پر روشن آگ کا گولا دیکھ کر شہری خوفزدہ
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
صفائی کرنے والا ملازم کمپنی کا سربراہ بن گیا
01st Jul 2026
•
سائنس اور ٹیکنالوجی
سورج سے بھی قدیم مہمان نے سائنس دانوں کو حیران کر دیا
01st Jul 2026
•
سندھ
محکمہ اطلاعات و تعلقاتِ عامہ (ڈی جی پی آر) پنجاب کے وفد کا کراچی پریس کلب کا دورہ
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
آسمان پر روشن آگ کا گولا دیکھ کر شہری خوفزدہ
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
صفائی کرنے والا ملازم کمپنی کا سربراہ بن گیا
01st Jul 2026
•
سائنس اور ٹیکنالوجی
سورج سے بھی قدیم مہمان نے سائنس دانوں کو حیران کر دیا
01st Jul 2026
•
سندھ
محکمہ اطلاعات و تعلقاتِ عامہ (ڈی جی پی آر) پنجاب کے وفد کا کراچی پریس کلب کا دورہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جنگشاهي ۾ اسڪول جي نئين عمارت
گورنمينٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول
0 تبصرے