سنڌ جي ڪالجن ۾ هم نصابي سرگرمين کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ “اسپورٽس وِيڪ” ملهائڻ جو فيصلو

رانديون ۽ مثبت سرگرميون شاگردن جي ذهني ۽ جسمي واڌ ويجھ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون: نديم ميمڻ

سنڌ جي ڪالجن ۾ هم نصابي سرگرمين کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ “اسپورٽس وِيڪ” ملهائڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي پاران صوبي جي سمورن ڪالجن ۾ تعليم سان گڏ هم نصابي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ سياري جي موسم دوران “اسپورٽس وِيڪ” ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، اھڙو فيصلو سڪريٽري ڪاليجز نديم ميمڻ جي صدارت ۾ لاڙڪاڻي ۽ ميرپورخاص ريجنز جي ٿيندڙ الڳ الڳ اجلاس ۾ ڪيو ويو۔ اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز سنڌ نويد رب صديقي، ڊائريڪٽر ڪاليجز لاڙڪاڻو پروفيسر الطاف حسين ابڙو، ڊائريڪٽر ڪاليجز ميرپورخاص سميت کاتي جا ٻيا آفيسر پڻ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ٻنھي ريجنز جي ڪاليجن جي تعليمي، انتظامي ۽ هم نصابي سرگرمين بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ سڪريٽري ڪاليجز نديم ميمڻ چيو ته تعليم سان گڏ هم نصابي سرگرمين کي ھٿي وٺرائڻ انتهائي ضروري آھي، ڇو⁠تہ رانديون ۽ مثبت سرگرميون شاگردن جي ذهني ۽ جسمي واڌ ويجھ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، ھن ھدايت ڪئي ته سياري جي موسم دوران سڀئي ريجن پنھنجو تفصيلي شيڊول جاري ڪن، جن ۾ فٽبال، ڪرڪيٽ، والي بال، بيڊمنٽن، ايتھليٽڪس، ٽيبل ٽينس ۽ ٻيون رانديون شامل ڪيون وڃن، سڪريٽري ڪاليجز چيو ته رانديون نوجوانن کي صحتمند طرزِ زندگي ڏانھن راغب ڪن ٿيون، انھن ۾ ٽيم ورڪ، نظم و ضبط ۽ اڳواڻيءَ جون صلاحتون پيدا ڪن ٿيون، ھن وڌيڪ چيو ته نوجوانن کي اسڪرين ٽائيم گھٽ ڪرڻ جي تلقين ڪرڻ استادن جي ذميواري آھي، ذهني صحت جي مسئلن کي سمجھڻ ۽ اھڙن مسئلن کي گھٽائڻ لاءِ ڪاليجن ۾ ڪائونسلنگ سيشن رکيا وڃن، شاگردن ۾ مطالعو وڌائڻ لاءِ روزانو ھڪ ڪلاس لائبريري ۾ پڙھائڻ لاءِ مقرر ڪئي وڃي گڏوگڏ تقرير، مضمون نويسي ۽ ڊراميٽڪ سرگرمين ذريعي شاگردن جي تخليقي صلاحيتن کي اڀاريو وڃي۔ اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته لاڙڪاڻو ريجن ۾ ضلع لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ جا ضلع شامل آھن۔ ريجن ۾ ھن وقت 37 فعال ڪاليجز ڪم ڪري رھيا آھن، جن ۾ مجموعي طور 59,411 شاگرد ۽ شاگردايون تعليم حاصل ڪري رھيا آھن۔ ان کان علاوه، 7 ڪاليجن ۾ چار سالا ڊگري پروگرام ھلي رھيا آھن، جيڪي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سان الحاق ٿيل آھن۔ اجلاس ۾ ڄاڻايو ويو ته ميرپورخاص ريجن ۾ ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جا ضلع شامل آھن۔ ريجن ۾ 33 فعال ڪاليجز آھن، جن ۾ 38,761 شاگرد ۽ شاگردايون تعليم حاصل ڪري رھيا آھن۔ انھن مان 12 مرد ڪاليجز، 12 عورتن جا ڪاليجز ۽ 9 ڪو⁠ايجوڪيشن ڪاليجز شامل آھن۔ سال 2020 کان 2025 تائين ريجن ۾ 15 نوان ڪاليجز قائم ڪيا ويا آھن، جڏھن⁠تہ ڪاليجن جي انتظام ھيٺ 6 هاسٽلن ۾ پري پٿرن علائقن مان ايندڙ شاگردن ۽ استادن لاءِ رھائش جون سهولتون موجود آھن۔ سڪريٽري ڪاليجز نديم ميمن مٺي ۽ ٿرپارڪر جي ڪاليجن جي واکاڻ ڪندي چيو ته عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جا ڪالج مثالي نموني سان سرگرم آھن ۽ هتي جا شاگرد يونيورسٽين جي داخلا ٽيسٽن ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري پڻ ڏيکاريندا آھن جيڪا ھتان جي استادن لاءِ فخر جي ڳالھ آھي، ھن اھا پڻ ھدايت ڪئي ته سڀني ترقياتي اسڪيمز کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن تعليمي سهولتن ۾ وڌيڪ بھتري آڻي سگھجي۔