English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
يورپي پارليامينٽ جا 10 ميمبر گراسپ مالي امداد جا اثر ڏسڻ لاءِ حيدرآباد پهتا
218 views
|
29th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڪاروبارن ۾ جدت، عورتن جي شموليت ڏسي مالي امداد سجائي ٿيڻ تي خوشي ٿي آهي:وفد
حيدرآباد (بيورو) يورپي پارليامينٽ جا 10 ميمبر حيدرآباد پهتا ۽ سنڌ ۾ ننڍن ڪاروبارن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هلندڙ گراسپ پروجيڪٽ تحت يورپي يونين جي مالي امدد جي اثرن جو جائزو ورتو ورتو. گذريل ڏينهن يورپي پارليامينٽ جو وفد، لوڪاس منڊل، ٽامس زيديچيوسڪي، جوان فرنينڊو، رابرٽ بيڊرون ۽ مارڪ جونگن شامل هئا، يورپي يونين جي نمائندن ڪرسچن بين هيل، باربرا رڪسن، ڪرسچن ميسيٿ، ٽريسا ميسيٿا جانڪوف، ڪيمينٽ ميسيٿا ۽ ڪرسچن بين-هيل سان گڏجي حيدرآباد پهتو ۽ گراسپ امداد جي اثرن ۽ فائدن جو جائزو ورتو. يورپي وفد يوسي سانوڻ خان گوپانگ جي ڳوٺ آبڙي ۾ 5 لک روپين جي مالي امداد سان عورتن جي انتظام هيٺ هلندڙ ڪاروباري اداري ’فضا ديسي گيهه‘ جي پئداواري ترقي ۽ اتي عورتن کي روزگار ملڻ جي حوالي سان مشاهدو پڻ ڪيو. ان موقعي تي وفد جي ميمبرن ڳوٺاڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪري امداد جي افاديت بابت ڄاڻ ورتي ۽ پراجيڪٽ جي ڪاميابيءَ تي خوشيءَ جو اظهار پڻ ڪيو. وفد جي اڳواڻ ايم پي لوڪس مندل چيو ته اهو ڏسي خوشي ٿي آهي ته يورپي يونين جي مالي سهڪار سان مقامي سطح تي ننڍن ۽ وچولي درجي وارن ڪاروبارن کي وڌائڻ ۾ مدد ملي رهي آهي. اسان ڏٺو آهي ته مالي امداد سان ڪيلي جي ننڍن آبادگارن ۽ کير مکڻ جو ڪاروبارن ڪندڙن جا ڪاروبار جديد طريقن ذريعي وڌيڪ ترقي ڪري رهيا آهن. آئي ٽي سيءَ جي نمائندگي ڪندي ايس ايم ايز ڊولپمينٽ اسپيشلسٽ عمر عارف چيو ته گراسپ پروجيڪٽ تحت مالي سهڪار، تربيت ۽ مارڪيٽ رابطن تائين رسائي ذريعي ڳوٺاڻن جي ڪاروبار کي تيزي سان هٿي ملي رهي آهي. پي پي اي ايف ۾ گراسپ آپريشنز عملدار سهيل خان بنگش چيو ته گراسپ مقامي معيشتن کي مضبوط ڪري، جدت کي هٿي ڏئي ٿو، جنهن سان نه رڳو انفرادي پر اجتماعي ترقي پڻ ٿي رهي آهي. ڊپٽي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ذيشان ميمڻ اميد ظاهر ڪئي ته يورپي يونين مستقبل ۾ ڳوٺاڻين عورتن جي ڪاروباري ترقي تي ڌيان ڏيڻ وارن منصوبن جي حمايت جاري رکندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
آسمان پر روشن آگ کا گولا دیکھ کر شہری خوفزدہ
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
صفائی کرنے والا ملازم کمپنی کا سربراہ بن گیا
01st Jul 2026
•
سائنس اور ٹیکنالوجی
سورج سے بھی قدیم مہمان نے سائنس دانوں کو حیران کر دیا
01st Jul 2026
•
سندھ
محکمہ اطلاعات و تعلقاتِ عامہ (ڈی جی پی آر) پنجاب کے وفد کا کراچی پریس کلب کا دورہ
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
آسمان پر روشن آگ کا گولا دیکھ کر شہری خوفزدہ
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
صفائی کرنے والا ملازم کمپنی کا سربراہ بن گیا
01st Jul 2026
•
سائنس اور ٹیکنالوجی
سورج سے بھی قدیم مہمان نے سائنس دانوں کو حیران کر دیا
01st Jul 2026
•
سندھ
محکمہ اطلاعات و تعلقاتِ عامہ (ڈی جی پی آر) پنجاب کے وفد کا کراچی پریس کلب کا دورہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ميمبر يوسي سانوڻ خان گوپانگ
0 تبصرے