پوليس اهلڪار علي رضا ٻُٽ جي فرياد تي ڦورن خلاف ڪيس داخل
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ڀرسان ايئرپورٽ پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪري ٻن مبينا ڦورن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي،ايئرپورٽ پوليس چئن ڄڻن ڦورن تي فريادي پوليس اهلڪار علي رضا ٻُٽ جي فرياد تي ڪيس به داخل ڪري.ان موقعي تي ايس ايڇ او ايئرپورٽ لياقت علي کجڙ ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس اهلڪار علي رضا ٻُٽ کي چار ڦورن بگي پل وٽان هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي پوليس اهلڪار علي رضا ٻُٽ ڦورن سان مزاحمت ڪئي ۽ ھن ون فاء تي اطلاع ڏنو هو.جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻن ڦورن عبدالوهاب ٻگهيو ۽ احسان بليدي کي ڊوڙائي ڊوڙائي سارين جي پوکيل فصل ۾ گرفتار ڪيو آھي،جڏھن ته 2 ڦورو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.هن ٻڌايو ته فرار ٿيل ٻن ڦورن عامر علي گاڏھي ۽ مرتضيٰ ابڙو کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.پوليس ٻڌايو ته اسان چئن ڦورن تي فريادي علي رضا ٻُٽ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو آھي،پوليس ٻڌايو ته گرفتار جوابدار ڦورن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
0 تبصرے