ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر ڄام عبدالڪريم جوکيو رزاق آباد جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي اسڪيمن جو افتتاح ڪيو، ۔ان موقعي تي ابراهيم حيدري ٽائون جو پارليماني ليڊر اختر عارفاڻي، يو سي چوڪنڊي جو چيئرمين رشيد پنھور، دل جان مروت، رستم هنڱورو، راڻا پرويز، حاجي اجمل ڪلمتي، محمد اعظم شيخ ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا تقريب کي خطاب ڪندي ڄام عبدالڪريم جوکيو چيو ته ترقياتي اسڪيمن جو مقصد عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ رهواسين جي زندگيءَ ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي ڀلائي ۽ ترقي جي سياست تي يقين رکي ٿي، ۽ اسان جو مشن آهي ته رزاق آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن کي جديد سهولتن سان آراسته ڪيو وڃي۔ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو واضع ڪيو ته ترقياتي منصوبن جي شفافيت ۽ معيار تي مڪمل نظر رکي پئي وڃي ته جيئن عوامي وسيلن جو هر پيسو صحيح طريقي سان خرچ ٿئي۔هن وڌيڪ چيو ته عوام جي خدمت اسان جي پهرين ترجيح آهي
0 تبصرے