English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جدوجهد ڪميٽي جي وفد جي ايم اين اي ڄام عبدالڪريم سان ملاقات
105 views
|
24th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڳوٺن ۾ قائم فيڪٽرين خاص طور پي ڪي مويشي ڪمپني انتظاميا جي ناانصافين خلاف چارٽر آف ڊيمانڊ پييش
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ضلعي جي مقامي نوجوانن جي روزگار لاءِ جاکوڙيندڙ ملير جدوجهد ڪميٽي جي نمائنده وفد ايم اين اي سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو سان ملاقات ڪئي.وفد ۾ فيض سنڌي، اقبال ڪلمتي، اورنگزيب جوکيو، صدام ڪلمتي ۽ امتياز جوکيو شامل هئا ملاقات دوران وفد ضلعي جي ڳوٺن ۾ قائم مختلف ڪارخانن، خاص طور پي ڪي مويشي ڪمپني جي انتظاميا طرفان مقامي ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافين، بي دخلين ۽ برطرفين بابت تفصيلي آگاهي ڏني وفد پاران ٻڌايو ويو ته ڪارخانا علائقي جي وسيلن ۽ زمينن مان فائدو وٺي رهيا آهن پر مقامي نوجوانن کي روزگار کان محروم رکيو پيو وڃي جنهن سبب بيچيني ۽ مايوسي وڌي رهي آهي. وفد ايم اين اي کي هڪ تحريري چارٽر آف ڊيمانڊ پڻ پيش ڪيو جنهن ۾ روزگار ۾ مقامي ماڻهن جي حصي، برطرف ڪيل مزدورن جي بحالي، ۽ علائقائي ڀرتين ۾ شفافيت جي گهر ڪئي وئي.ان موقعي تي وفد جو چوڻ هو ته توهان اسان جا وڏا ۽ چونڊيل نمائندا آهيو اسان اميد رکون ٿا ته توهان اسان جو ساٿ ڏيندؤ ٻي صورت ۾ اسان کي پنهنجو احتجاجي ۽ سياسي جدوجهد وڌيڪ تيز ڪرڻي پوندي.جواب ۾ سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو وفد کي خاطري ڏني ته هونوجوانن سان ٿيندڙ ڪنهن به ناانصافي کي برداشت نه ڪندو. هن وضاحت ڪندي چيو: نه ڪا فيڪٽري منهنجي آهي نه ئي ڪنهن ڪاروبار ۾ منهنجو حصو آهي پر جيڪڏهن مقامي ماڻهن سان ظلم يا ناانصافي ٿي ته مان پاڻ توهان سان گڏ جدوجهد ڪندس.ايم اين اي وفد کي يقين ڏياريو ته هو انتظاميا سان رابطو ڪري مقامي ماڻهن جي روزگار بابت شڪايتن جو جائزو وٺندو ۽ ان مسئلي جو منصفاڻو حل ڪڍڻ لاءِ قدم کڻندو. ملاقات خوشگوار ماحول ۾ پوري ٿي ۽ ٻنهي ڌرين اميد ظاهر ڪئي ته نوجوانن جي حقن ۽ روزگار لاءِ گڏيل جدوجهد جاري رهندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
کراچی: جماعتِ اسلامی کے امیر حافظ نعیم الرحمن کی مبینہ آڈیو لیک
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ایف سی ہیڈکوارٹر پشاور خودکش حملہ: منصوبہ بندی افغانستان میں ہوئی، سہولت کار بے نقاب
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
کراچی: جماعتِ اسلامی کے امیر حافظ نعیم الرحمن کی مبینہ آڈیو لیک
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ويجهو ڳوٺ غلام محمد مڱڻيجو ۾ نوجوان پاران مبينا آپگهات
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير جدوجهد ڪميٽي
ڄام عبدالڪريم جوکيو
0 تبصرے