ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل خانه جات حاجي علي حسن زرداري پنھنجي تڪ پي ايس 76 ميرپور ساڪرو ڪيٽي بندر پھچي مختلف اسڪيمن تحت نئين سرتعمير ٿيل روڊن جو افتتاح ڪيو ۽ مانجهاندي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي۔ليٽ اسٽاپ ساڪرو کان غلام الله تائين مختلف ڳوٺن جا 30 ڪروڙ رُپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل 17 ڪلوميٽر جي روڊن جو افتتاح ڪيو۔صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته روڊ رستا، پاڻي، تعليم ۽ صحت جهڙا منصوبا عوام جون بنيادي سھولتون آھن، جن کي حل ڪرائڻ پنھنجو فرض سمجھان ٿو۔صوبائي وزير چيو ته پ پ قيادت اعتماد ڪري ٺٽي ضلعي لاءِ اسڪيمون ڏئي رھي آھي جنھن تي قيادت جو ٿورائتو آھيان، پنهنجي تڪ جي عوام سان ڏک سک ۾ گڏ ھوندس۔ ٺٽي جي ماڻھن ثابت ڪري ڏيکاريو تہ ٺٽو پ پ جو قلعو آھي، ٺٽي واسين جو تھ دل سان ٿورائتو آھيان۔عوام سان مخاطب ٿيندي صوبائي وزير چيو ته اوھان جا ڪم اوھان جو حق ھو، ڪو بہ احسان نہ ڪيو آهي۔ وڌيڪ ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته سوشل ميڊيا تي تنقيد بہ ٿيندي آھي، جائز تنقيد ٿيڻ گھرجي پر بغض جي بنياد تي تنقيد قبول ناھي۔مون ڪنھن سان زيادتي ڪئي ھوندي تہ ذميوار رھندس، پ پ قيادت وزارت ڏني جنھن تي پڻ قيادت جو شڪر گذار آھيان۔ ٺٽي جي ترقي جو رستو نہ روڪيو، ٽڪيٽ پ پ جي امانت آھي، ميراث ناھي۔ پارٽي ذميواري ڏني تہ وري نڀائيندس۔ ٺٽي کي پنھنجو گھر سمجھندو آھيان، گھر جي ڀاتي جيان ھتي جي ماڻھن جي خدمت ڪيان پيو۔ منھنجو ڪنھن سان جھيڙو ناھي، ٺٽي کي فتح ڪرڻ ناھيان آيو، سڀ کان پھرين پنهنجي تڪ سميت ٺٽي ضلعي جي ماڻهن جي خدمت ترجيح آھي۔صوبائي وزير ٻگهاڻ جي ڳوٺ ڪرمي سمون ۾ مانجهاندي واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي۔ تقريب ۾ ضلعي ٺٽي جي چيئرمين عبدالحميد پنھور، وائيس چيئرمين ممتاز جلباڻي، وڏيرو احمد سمون، ترجمان محسن ھائوس شاھنواز لوھار، يو سي چيئرمين غلام نبي شيخ، پير سڪندر شاھ، ملڪ سليم شورو، عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي صدر بلاول سمون، جنرل سيڪريٽري محمد عمر سرائي، سينيئر صحافي اي بي شورو سميت پليز پارٽي جي اڳواڻن، ميمبرن ۽ معزز شخصيتن شرڪت ڪئي۔
0 تبصرے