English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي تي پ پ ملير جو تعزيتي ريفرنس، مادرِ جمهوريت کي ڀيٽا پيش
62 views
|
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
پاڪستان پيپلز پارٽي ملير ضلعي پاران مادرِ جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي تي تعزيتي ريفرنس منعقد
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان پيپلز پارٽي ملير ضلعي پاران مادرِ جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي تعزيتي ريفرنس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پارٽي جي ضلعي عهديدارن، چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔تقريب ۾ مقررن بيگم نصرت ڀٽو جي سياسي ۽ جمهوري خدمتن کي شاندار خراجِ تحسين پيش ڪيو۔ مقررن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو آمريت خلاف جدوجهد ۾ ناقابلِ فراموش ڪردار ادا ڪيو، هوءَ جمهوريت، عورتن جي حقن ۽ عوامي بالادستي جي علامت رهي۔ بيگم نصرت ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو تعزيتي ريفرنس ۾ پيپلز پارٽي جا ضلعي صدر، تنظيمي عهديدار، اسيمبلي ميمبر ۽ بلدياتي نمائندا شرڪت ڪئي، جن ۾ راجا عبدالرزاق بلوچ، عديل شيخ، امداد جوکيو، شاهجهان خان، صوبائي وزير شاهينه شير علي، سلمان مراد، ساجد جوکيو، يوسف مرتضى بلوچ ۽ جان محمد بلوچ شامل هئارهنمائن خطاب ڪندي چيو ته بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي سڄي زندگي عوامي خدمت ۽ جمهوري قدرن جي واڌاري لاءِ وقف ڪري ڇڏي۔ اڄ ملڪ ۾ جيڪي به جمهوري قدر موجود آهن، انهن ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي قربانين ۽ جدوجهد جو وڏو حصو شامل آهي۔ آخر ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي ايصالِ ثواب ۽ درجات جي بلندي لاءِ دعا ڪئي وئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي
پاڪستان پيپلز پارٽي ملير
0 تبصرے