English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
موهن جو دڙو ۾ به ثقافتي رنگ نکري پيا، قديمي ماڳ تي هزارين ماڻهن جي آمد
272 views
|
07th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ايڪتا ڏهاڙي تي عورتن ۽ ٻارڙن سميت هزارين ماڻهن جي موهن جي دڙو تي آمد
ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪري سڄي سنڌ سميت موهن جو دڙو ۾ ثقافتي ڏھاڙو جوش جزبي سان ملهايو ويو ثقافتي ڏهاڙي تي سنڌ جي عظيم ماڳ موهن جو دڙو تي سنڌ جا هزارين عاشق پهچي عظيم تهذيب کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ قومي گيتن تي رقص ڪري جهمريون هنيون،هرطرف اجرڪ جي ڦلڙين ۽ ٽوپين جي ڪاون جا تجلا نظر آيا جڏھن ته سڄي سنڌ جيان ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي موهن جو دڙو ۾ به عوام ڀرپور موٽ ڏني ۽ ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو ۽ هر طرف ثقافت جا رنگ نظر آيا،مختلف شھرن کان هڪ سئو 100 کان وڌيڪ ريليون ڪڍيون ويون ۽ قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون،جڏھن ته سنڌ جي مختلف شهرن لاڙڪاڻي،دادو، خيرپور، ڪراچي ڪشمور، جيڪب آباد، قمبر شھدادڪوٽ، شڪارپور سکر، گهوٽڪي، حيدرآباد، بدين، ٽنڊوالهيار، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ڏوڪري، موهن جو دڙو ۽ ٻين شهرن مان سنڌ جا هزارين عاشق وڏي تعداد ۾ موهن جي دڙي تي پهتا،جڏھن ته آيل ماڻهن ۾ عورتون مرد ۽ ٻارڙا شامل هيا جڏھن ته ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن جي ڪلهن تي اجرڪ اوڍيل ۽ ٽوپيون پاتل هيون ريلي ۾ ٻارڙن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جن کي ثقافتي ويس وڳا پهريل هئا،قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو،جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا، جيئن سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا، جيئن سهڻا دنيا ۾ ٻيا به هزار سنڌي ماڻهو پڌرا لکن ۾ جا گيت گونجندا رهيا ان موقعي تي سنڌ جي مختلف ضلعن کان آيل ماڻھن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ميڊيا جس لهڻي جنهن سڄي قوم کي ثقافت جي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو آهي.هنن وڌيڪ چيو ته اسان خوش نصيب آهيون جو هزارين سالن جي تهذيب ۽ ثقافت جا وارث آهيون جنهن جو مثال موهن جو دڙو آهي هنن چيو ته اسان کي پنهنجي ثقافت تي ناز آهي هتي اچي ڪري تمام گهڻو مزو آيو آهي اسان پنهنجي تهذيبي ۽ ثقافتي اهڃاڻ موهن جو دڙو کي سلامي پيش ڪرڻ لاءِ هتي آيا آهيون.ان موقعي تي صحافي عبدالحق پيرزادو محمد علي راڄپر عبدالجبار ميمڻ ربنواز کوسو جي ايم جهتيال منظور ميراڻي مقبول ڪانڌڙو عبدالوحيد ڳاهو ارشاد کوکر محمد صفر جوڻيجو عامر علي ڏيرو رياض سومرو عدنان سميع راڄپر جنيد راڄپر جواد راڄپر ۽ ٻيا وڏي انگ ۾ ماڻھون ماڳ تي پهتا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
موهن جو دڙو ۾ به ثقافتي رنگ نکري
0 تبصرے