English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٿرپارڪر ۾ سنڌي گيتن جي گونج ، پنهنجي ثقافت سان محبت جو ڀرپور اظھار
75 views
|
05th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
برائٽ فيوچر اسڪول ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي وئي، ٻارڙن پاران ٽيبلوز پيش
مٺي (رپورٽر) ٿرپارڪر ۾ سنڌي گيتن جي گونج ، پنهنجي ثقافت سان محبت جو ڀرپور اظھار ، برائٽ فيوچر اسڪول ۾ تقريب ، شاگردن جي پرفارمنس خبر موجب سنڌي ثقافت ۽ تهذيب سان محبت جي اظھار جي لاءِ ٿرپارڪر جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ثقافتي تقريبون رکيون پيون وڃن مٺي جي نيو برائٽ فيوچر اسڪول ۾ شاندار ثقافتي رنگن سان ڀرپور تقريب رکي وئي جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين قومي گيتن تي رقص ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ تقريرن ۾ سنڌي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي. تقريب ۾ سياسي سماجي اڳواڻن والدين ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مهمانن پاران شاگردن جي بهترين پرفارمنس تي سندن واکاڻ ڪئي.انهي موقعي تي ڳالهائيندي استادن ۽ شاگردن چيو ته سنڌ ڌرتي دنيا جي قديم تهذيب يافته ڌرتين ۾ شمار ٿيندي آھي جنهن جي صديون پراڻي عظيم ثقافت تهذيب آھي جيڪا سموري دنيا ۾ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي سنڌ جو ثقافتي ڏينهن پنهنجي ڌرتي ۽ انهي جي ثقافت سان محبت جي ورجاءُ جو ڏينهن آھي جنهن کي پوري جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٿرپارڪر ۾ سنڌي گيتن جي گونج
0 تبصرے