بنون جي روڊ تي رت جا نشان ۽ مستقبل جا خطرا

غلام مصطفیٰ جمالي

بنون جي روڊ تي رت جا نشان ۽ مستقبل جا خطرا

بنوں جي هوائن ۾ جڏهن بارود جي بو شامل ٿئي ٿي، تڏهن لڳي ٿو ته هن سرزمين تي وقت ڄڻ رڳو هڪ زخم مان ٻيو زخم ڪڍي ٿو. ميانشاہ روڊ تي اسسٽنٽ ڪمشنر شمالي وزيرستان شاه ولي جي گاڏي تي ٿيل حملو رڳو هڪ آفيسر تي حملو نه هو، پر اهو حملو حڪومت جي اُن ڪمزوريءَ تي وار هو جيڪا گذريل ٻن ڏهاڪن کان دعوائن سان ته مضبوط نظر اچي ٿي، پر هنگامي حالتن ۾ حقيقت بلڪل مختلف ٿي نڪري ٿي. هن حملي ۾ شاه ولي، ٻه پوليس اهلڪار ۽ هڪ شهري جان وڃائي ويٺا، گاڏي ساڙي وئي، زخمي اسپتال پهچايا ويا، پر سڀ کان وڏو ڌڪ عوام جي اعتماد تي لڳو، جيڪو دعوائن ۽ خطرن جي وچ ۾ گهڻو وقت لڙهي چڪو آهي. هن خطي جي ماضي کي ڏسون ته معلوم ٿيندو ته ڏک، بارود ۽ خوف هن علائقي جا پراڻا سڳا هئا. وزيرستان، لڪي مروت، بنوں ۽ اڳتي بلوچستان تائين ڪيترن سالن کان ماڻهو هر سج اڀرندي اهو دعا گهرندا رهيا ته شايد اڄ ڪو ڌماڪو نه ٿئي، شايد ڪو ڌارو هٿ ڪو گهر نه اجاڙي. جڏهن 2007 کان پوءِ شدت پسنديءَ جي لُڙه وڌي، تڏهن هن سرزمين جي هر گهٽي ڄڻ مورچي ۾ تبديل ٿي وئي. حڪومت ڪيتريون ڪارروائيون ڪيون، ڪيترائي علائقا ٻيهر امن ڏانهن موٽايا، ڪيترائي نوجوان پنهنجي رت سان زمين بچائي ويا، پر هڪ مستقل، مضبوط ۽ هڪجهڙي حڪمت عملي نه هئڻ ڪري دشمن بار بار نوان رستا ڳوليندو رهيو. 2014 کانپوءِ حالتون ڪجهه بهتر ٿيڻ لڳيون، ماڻهو معمولياتي زندگي ڏانهن موٽڻ لڳا، پر 2022 ۾ جنگبندي ختم ٿيڻ سان جيڪي اشارا مليا، انهن ٻڌائي ڇڏيو ته اڳيان وقت آسانيءَ سان نه گذرندو. شدت پسند ڌر کليل لفظن ۾ چيو ته هو حڪومت جي اهلڪارن کي نشانو بڻائيندا، ۽ افسوس ته حڪومت وٽ ان چئلينج جو ڪو مڪمل، مستقل ۽ مربوط جواب موجود نه هو. جڏهن حڪمت عملي ادھوري هجي، ته دشمن پنهنجو موقعو پاڻ ٺاهي وٺندو آهي. هن وقت جڏهن شاه ولي جي گاڏي کي روڊ تي باهه ڏيئي ساڙيو ويو، تڏهن سوال اڀريو ته جيڪڏهن هڪ آفيسر، جيڪو حڪومت جي حفاظتي بندوبست هيٺ هلي ٿو، محفوظ ناهي، ته پوءِ هڪ عام شهري ڪيتري حفاظت ۾ آهي؟ ڇا انتظامي نظام ۾ ايتري به سگهه ناهي جو حساس علائقن ۾ تحفظ جو بندوبست يقيني بڻائي؟ ڇا حڪومت وٽ اها تياري ناهي ته خطري کي اڳڪٿي ڪري روڪ ٿام ڪري سگهي؟ هاڻوڪي صورتحال اها آهي ته دهشتگردي هاڻي پراڻي نموني نه رهي آهي. اها هڪ منظم، بدلجندڙ ۽ ڳجهي نيٽ ورڪ جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي، جنهن کي سرحدن جي غيرمحفوظ رستن، اڻپوري انٽيليجنس ۽ حڪومتي پاليسين جي کوٽ وڌيڪ طاقت ڏيندي رهي آهي. جڏهن حڪومتي قدم نيم دل سان کنيا وڃن، جڏهن پاليسيون وچ ۾ بدلجن، جڏهن تسلسل نه هجي، تڏهن نتيجا هميشه ساڳيا نڪرندا آهن: حملو، شهيد، زخمي، باهه، ۽ آخر ۾ اهو جملو ته “تحقيقات جاري آهن.” پر سوال اهو به آهي ته آخر هي تحقيقات ڪڏهن مڪمل ٿينديون؟ عوام جي ذهن ۾ اهو سوال هر واقعي کان پوءِ وڌيڪ پختو ٿي بيهي ٿو ته حڪومت وٽ ڇا ڪو اهڙو ادارو، ڪا اهڙي اسٽريٽجي، ڪا اهڙي ڏور انديشي آهي جيڪا مسئلي کي جڙ کان سمجهي حل ڪري؟ يا رڳو رواداريءَ سان بيان جاري ڪرڻ ئي سڀ ڪجھ آهي؟ ڏهاڪن کان روايت ساڳي آهي: جڏهن ڪو وڏو حملو ٿئي ٿو ته بيان اچي ٿو ته “هڪ هڪ ذميوار کي منهن ڏيڻو پوندو”، پر وقت گذرڻ سان حملو وسري وڃي ٿو، نئون واقعو اچي ٿو، ٻيهر ساڳيا لفظ، ساڳيون دعوائون، ساڳيا ردعمل. هن خطي ۾ نوجوانن جو قاتل رڳو بارود نه آهي، پر عدم استحڪام، معيشيت جي تباهي، بي روزگاري، تعليم جي کوٽ، ۽ سڀ کان اهم غيريقيني مستقبل آهي. جڏهن حڪومت ماڻهن جي زندگين کي محفوظ نه بڻائي سگهي، ته نوجوان مايوسيءَ ۾ پوڻ لڳن ٿا، ۽ مايوسي ڪڏهن ڪڏهن غلط هٿن ۾ وڃي ٿي. جڏهن هڪ ٻار پنهنجو پيءُ کي سرڪاري فرض نڀائيندي شهيد ٿيندي ڏسي ٿو، تڏهن هن جي شعور ۾ خوف، نفرت يا انتقام جو احساس جنم وٺي ٿو، جيڪو ايندڙ سالن ۾ سماجي ڀڃ ڊاهه جو سبب بڻجي سگهي ٿو. بنوں جو هي واقعو رڳو هڪ حملو نه آهي، پر اهو هڪ اعلان آهي ته دشمن ٻيهر طاقتور ٿي رهيو آهي. ۽ افسوس جو هن خطي ۾ دشمن کي طاقتور ٿيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻو نٿو پوي، ڇو ته حڪومت جي حڪمت عملي ۾ خال موجود آهن، ۽ خال دشمن کي رستو ڏين ٿا. جڏهن خطي ۾ معاشي سرگرميون محدود هجن، جڏهن روڊن تي چيڪ پوسٽون هوندي به معلومات نه هجي، جڏهن بااثر ماڻهن جي سفارشون پاليسين تي حاوي هجن، تڏهن نتيجو ساڳيو اچي ٿو ـ ڪمزوري، غفلت، ۽ دشمن جي ڪاميابي. انهي پس منظر ۾ مستقبل ڏاڍو حساس نظر اچي ٿو. جيڪڏهن حڪومت پنهنجي ادارن، فورسز، انتظامي مشينري ۽ عوام سان گڏجي هڪ درست حڪمت عملي نه بڻائيندي ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. هن خطي ۾ شدت پسندي صرف بارود جي جنگ نه آهي، پر اها خيالن جي جنگ آهي، اها بي عدالتي جي جنگ آهي، اها غربت ۽ محروميءَ جي جنگ آهي. جيستائين حڪومت انهن سڀني طبقاتي ۽ ذهني مسئلن کي گڏجي حل نه ڪندي، اوتائين امن جو خواب هر حملو اچي ڀڃندو رهندو. ماضي جا زخم هن علائقي جي هر گهر ۾ موجود آهن. ڪنهن جو ڀاءُ ويو، ڪنهن جو پيءُ، ڪنهن جو پٽ، ڪنهن جو دوست. بارود جي هر ڌماڪي سان صرف عمارتون ئي نه ڊهيون، پر سماج جو اعتماد، ماڻهن جي نفسيات، ۽ مستقبل جو احساس به ڀڄي ويو. اهڙي معاشري ۾ هر حملو صدين جي ڪاوڙ ۽ خوف کي ٻيهر جاڳائي ٿو، جيڪو ترقيءَ جي هر ڪوشش کي روڪي ٿو. ها، مستقبل روشن تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن حڪومتي پاليسي صاف، مضبوط، لاڳيتي ۽ بي رحمي سان لاڳو ڪئي وڃي. دشمن کي سمجهڻ لاءِ دشمن جي منطق، دشمن جي حڪمت عملي، دشمن جا ذريعا، دشمن جا رستا سڀ سمجهڻا پوندا. ۽ پوءِ انهن سڀني کي دائمي طور تي بند ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن حڪومت اهو نه ڪندي ته پوءِ هي رت جا نشان رڳو بنوں تائين محدود نه رهندا، پر وڌيڪ علائقن تائين پکڙجي سگهن ٿا. احساس اهو هجڻ گهرجي ته هن خطي جا ماڻهو امن جا حقدار آهن، تحفظ جا حقدار آهن، هڪ محفوظ مستقبل جا حقدار آهن. اهي هر روز موت جي ڀَٽَ تي نه جيئندا رهن. هن علائقي جي هر ماءُ کي اهو يقين هجڻ گهرجي ته سندس پٽ شام تائين واپس موٽندو. هر ٻار کي يقين هجي ته اسڪول محفوظ آهي، هر شهري کي يقين هجي ته سندس روڊ محفوظ آهي. حڪومت جيڪڏهن واقعي سنجيده چاهي ٿي ته سڌارا ممڪن آهن، خطرو گهٽجي سگهي ٿو، دشمن ڪمزور ٿي سگهي ٿو. پر اهو تڏهن ٿيندو جڏهن اهو مسئلو هڪ ڏينهن، هڪ مهيني يا هڪ بيان جو نه، پر قومي مستقبل جو مسئلو سمجهي حل ڪيو وڃي. جيڪڏهن اهو نه ٿيو ته پوءِ بنوں جي هن روڊ تي وهيل رت جا نشان رڳو تاريخ جو هڪ ورق نه هوندا، پر مستقبل جي هڪ ڊگهي ڪاري رات جو آغاز هوندا.