English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سافڪو کي اسلامي مالياتي خدمتن تي انٽرنيشنل ريٽيل بينڪنگ ايوارڊ 2025 طرفان ’ايڪسيلنس ايوارڊ‘سان نوازيو ويو
243 views
|
24th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد: سافڪو مائيڪرو فنانس ڪمپني کي 'انٽرنيشنل ڪانفرنس آن اسلامڪ بينڪنگ اينڊ فنانس' دوران 11 هين انٽرنيشنل ريٽيل بينڪنگ ايوارڊز 2025 سان نوازيو ويو آهي. سافڪو پاران جاري ڪيل بيان موجب، اهو ايوارڊ سافڪو جي 'يقين اسلامڪ فنانس' کي اخلاقي ۽ اصولي قرض ڏيڻ ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ غريب ۽ مالي طور تي محروم طبقن لاءِ حلال، شريعت جي مطابق مالي خدمتن تائين رسائي کي وڌائڻ جي ڪوششن جي مڃتا طور ڏنو ويو. ان ايوارڊ ذريعي آفت کان بچاءُ، جدتن کي ھٿي وٺرائڻ، قرضدار جي مفاد کي ترجيح، ۽ سماجي طور تي ذميوار اسلامي مالياتي ڍانچي ذريعي اسلامي مائيڪرو فنانس شعبي کي مضبوط ڪرڻ ۾ سافڪو ڪردار کي مڃيو ويو آھي. گذريل ڪجھ سالن کان سافڪو پنهنجي اسلامي مالياتي خدمتن کي ڏورانهن علائقن تائين وڌايو آهي ۽ گهرج آھر جامع اسلامي مالياتي سھولتون متعارف ڪرايون آهن، ۽ گراھڪ جي تجربي کي وڌائڻ لاءِ پنهنجي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ڪم کي سگهارو ڪيو آهي. ايس ايم سي ايل يقين اسلامڪ فنانس گهٽ آمدني وارن گهرن، خاص طور تي عورتن ۽ ننڍن ڪاروباري ماڻهن لاءِ باعزت، حلال ۽ سستي مالي سھولت تائين رسائي يقيني بڻائڻ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو آهي. ايوارڊ حاصل ڪرڻ بعد تقريب کي خطاب ڪندي سافڪو گروپ جي باني ڊاڪٽر سليمان جي ابڙو چيو ته ايوارڊ حاصل ڪرڻ اسان لاءِ هڪ عالمي مڃتا آهي. اهڙين ڪاميابين مان اخلاقي، جامع ۽ شريعت مطابق مالي خدمتن کي ھٿي ڏيڻ لاءِ سافڪو جي پختي عزم جو اظهار ٿئي ٿو. آئون هي ايوارڊ پنهنجن سافڪو خدمتن مان فائدو وٺندرن، شراڪتدارن ۽ محنتي سافڪو ٽيم جي نالي ڪريان ٿو. ان موقعي تي ايس ايم سي ايل مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد سجاد علي شاهه ۽ سافڪو قيادت جا ٻيا سينئر ميمبر تنظيم جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ موجود هئا. سيد سجاد علي شاھ جو چوڻ ھو تھ هن ايوارڊ سان اعتماد، وقار ۽ مالي بااختيار بڻائڻ واري اسان جي عزم کي ھٿي ملي آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سافڪو کي اسلامي مالياتي خدمتن تي انٽرنيشنل ريٽيل بينڪنگ
’ايڪسيلنس ايوارڊ‘سان نوازيو ويو
0 تبصرے