English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ننگرپارڪر ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران اڄ 27هين ترميم ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف پيادل مارچ ڪرندو
286 views
|
21st Nov 2025
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد/ننگر پارڪر: قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران سڀاڻي (اڄ) 27 ھين آئيني ترميم ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ننگر پارڪر ۾ ھزارين ماڻهن جو پيادل مارچ ۽ جلسي عام ڪيو ويندو. ھوڏانھن اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ ڌرتيءَ، درياء، وسيلن ۽ انقلابن جا فيصلا ڪورٽن ۽ اسٽڊي آڊرن سان نہ جدوجهد ۽ ميدانن ۾ مقابلن سان ڪبا آھن. سنڌ دوکن ۽ اٽڪلن کي رد ڪري ٿي. توھان ڏاڍ جبر ذريعي اسان سنڌين جو وطن، پاڻي، زمينون ۽ وسيلا کسيندا تہ اسان مزاحمت ڪنداسين. اياز لطيف پليجي چيو تہ نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي نئين ترميم ذريعي سنڌ جي وحدت تي حملو ڪري سنڌي ماڻهن جي حق حاڪميت ختم ڪرڻ چاهين ٿا. ڪرپٽ، عوام دشمن ۽ چور حڪمرانن سنڌ کي شامي غريبا بڻائي ڇڏيو آهي. پيپلزپارٽي وزيراعظم جي ڪرسي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي انچ انچ کي نيلام ڪرڻ چاهي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو تہ نواز ليگ، پيپلزپارٽي ۽ ٻين سنڌ دشمن قوتن کي سنڌي ڏٺي نٿا وڻن. سنڌين مان سخت بيزار آهن. ھنن جو وس پڄي تہ ست ڪروڙ سنڌي ھجن ائين نہ رڳو زمين، درياھ، ڪوئلو، پيٽرول، گئس سمنڊ ماربل ھجي جنهن کي اسان مالي غنيمت سمجهي لٽيون ڦريون پر بدقسمتي سان سنڌي آھن ست ڪروڙ، تنھن ڪري پيپلزپارٽي، نواز ليگ، سنڌ دشمن قوتون ۽ وفاقي حڪومت لوھ ٿي وئي آهي۔ ست ڪروڑ سنڌين کي ڪيڏانهن ڪن، انهن لاءِ سازشون ۽ اٽڪلون ڪن پيا. پر ست ڪروڙ سنڌي سازشن کي پر امن جدوجهد ذريعي ناڪام بڻائيندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپٽ حڪمرانو توھانکي غلط فھمي آھي تہ سڄي سنڌ ڪا حڪمران وڏيرن، سردارن، مرشدن، وزيرن، ڪامورن ۽ کرب پتين وانگر ھيڻي، موقعي پرست ۽ ڀاڙي آھي، سنڌ جي پورھيتن ۽ ھيٺين وچولي طبقي جو ٻچو ٻچو پنھنجي وطن، پاڻي ۽ وسيلن لاءِ آخري گھڙي ۽ آخري فتح تائين وڙھندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ننگرپارڪر ۾ قومي عوامي تحريڪ
سنڌياڻي تحريڪ پاران
0 تبصرے