جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

ڪنري پريس ڪلب جي اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان, اليڪشن جي حوالي سان محمد اقبال ڀٽي اليڪشن ڪميشن جو چيئرمين نامزد

سنڌي خبرون 21st Nov 2025 282 مناظر
ڪنري پريس ڪلب جي اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان, اليڪشن جي حوالي سان محمد اقبال ڀٽي اليڪشن ڪميشن جو چيئرمين نامزد

پريس ڪلب ڪنري تي اعجاز مغل جي صدارت هيٺ اليڪشن بابت اجلاس

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) محمد اقبال ڀٽي کي پريس ڪلب ڪنري جي اليڪشن ڪميشن جو چيئرمين نامزد ڪيو ويو تفصيل موجب 2026 جي چونڊن جي سلسلي ۾ پريس ڪلب ڪنري جو هڪ اهم اجلاس صدر پريس ڪلب اعجاز مغل جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سڀني معزز ميمبرن متفقه طور تي محمد اقبال ڀٽي کي 2026 جي چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جو چيئرمين چونڊيو ويو اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين محمد اقبال ڀٽي جمعي جي ڏينهن 28 نومبر تي 2026 جي چونڊن جو اعلان ڪيو ۽ سڀني معزز ميمبرن کي ڀرپور حصو وٺڻ جي اپيل ڪئي ان موقعي تي سينيئر صحافي فدا حسين حيدري اجلاس ۾ سڀني معزز ميمبرن جي اعزاز ۾ چانھ پارٽي جو انتظام ڪيو سڀني ميمبرن سندس دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو ان موقعي تي سينيئر صحافي عبدالمجيد ميمڻ،قاضي يوسف، جاويد قادري،لو ڪمار شرما،محمد حسين ڪنڀار، عظيم قادري،انور حسين ميمڻ،قاضي ابراهيم، الفت حيدري،شبير خاصخيلي،محسن قادري سميت ٻيا عهديدار ۽ ميمبر شريڪ هئا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ